جنيوا(م ڊ) عالمي برادري پاڪستان سان ايڪتا جو اظهار ڪندي ان کي 9 ارب ڊالر کان وڌيڪ مالي امداد ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي پر اسلام آباد سرڪار کي انهن ملڪن جا مطالبا مڃيندي ڊگهي مدي وارا سڌارا آڻڻا پوندا. جرمن ميڊيا ڊي ڊبليو مطابق ڊونر ملڪن پاران پاڪستان جي سياسي افراتفري ۽ ڪرپشن وغيره جهڙن موضوعن تي به غيرمعمولي ڌيان ڇڪيل رهيو، عالمي برادري پاران پاڪستان ۾ ڪرپشن سبب فنڊ ضايع ٿيڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهبازشريف لاءِ هن وقت عالمي برداري کي ان ڳالهه جي خاطري ڪرائڻ ته ڪرپشن سبب فنڊ ضايع ٿيڻ نه ڏنا ويندا، هڪ وڏو چئلينج بڻيل آهي، گڏيل قومن ۾ جرمني جي هڪ نمائندي آخم اشٽائنز چيو ته امدادي ڪمن ۾ احتساب، وضاحت، ڪارڪردگي ۽ شفافيت تي نظر رکنداسين.