جنيوا: ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ڪانفرنس: گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو پاڪستان ۾ وڏي سيڙپڪاري جو مطالبو

0
218
جنيوا: ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ڪانفرنس
جنيوا: ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ڪانفرنس: گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو پاڪستان ۾ وڏي سيڙپڪاري جو مطالبو

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي تي ڪاٿو لڳ ڀڳ 30 ارب ڊالرن کان وڌيڪ آهي ۽ پاڪستان کي فوري تعمير ۽ بحالي لاءِ 16.3 ارب ڊالرن جي ضرورت آهي

سوئٽزرلينڊ جي شهر جنيوا ۾ پاڪستان جي صدارت هيٺ موسمياتي آفتن سبب ٿيندڙ نقصان جي ازالي ۽ مدد لاءِ ڪانفرنس ٿي آهي

تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ٻوڏ پاڪستان ۾ وڏي تباهي مچائي، ٻوڏ متاثرين جون زندگيون تبديل ڪري ڇڏيون، اڄ اسان تاريخ جي اهم موڙ تي بيٺا آهيون، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان گڏ ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو، پاڪستان جي عوام گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي حمايت کي هميشه ياد رکندي، عالمي برادري جي سهڪار تي ٿورائتا آهيون، پاڪستان ڏکي وقت ۾ مدد ڪندڙ ملڪن کي نه وساريندو

هن چيو ته ٻوڏ سبب زراعت کي تمام گهڻو نقصان پهتو، جنهن سبب خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿي وئي، ملڪي معيشت کي بحال ڪرڻ اسان لاءِ وڏو چئلينج آهي، ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصان جو ڪاٿو 30 ارب ڊالرن کان وڌيڪ آهي، جيڪو پاڪستان جي جي ڊي پي جو 8 سيڪڙو آهي

هن چيو ته پاڪستان ۾ تازين ٻوڏن سبب 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا، انفراسٽرڪچر جي تباهي سان معيشت سخت متاثر ٿيو، گهرن، تعليمي ادارن، زرعي شعبي کي ٻوڏ سبب تمام گهڻو نقصان پهتو

شهباز شريف چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ اڃا به ٻوڏ جو پاڻي بيٺل آهي، ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ کين بهتر مستقبل ڏيڻو آهي، ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ تعمير لاءِ فريم ورڪ تيار ڪيو ويو آهي، فريم ورڪ تي ڪم ڪرڻ لاءِ اربين ڊالرز جي ضرورت آهي

عالمي ادارن کي پاڪستان جي ڊگهي عرصي تائين مدد ڪرڻي پوندي: بلاول ڀٽو

ان کان اڳ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته هو ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار ڪري ٿو

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته گذريل سال پاڪستان ۾ تباهي واري ٻوڏ آئي، پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيل نقصان جو انگ تمام وڏو آهي، ٻوڏ سبب 33 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا

هن چيو ته ٻوڏ جي 5 مهينن کانپوءِ به ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ آهن، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ بحاليءَ جا ڪم جاري آهن، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريسڪيولر انفرااسٽرڪچر جي تعمير پهرين ترجيح آهي، متاثر علائقن جي بحاليءَ لاءِ ايندڙ ڪيترن ئي سالن تائين اسان جي اولين ترجيح آهي. اسان جي ڀائيوارن کان وڏي مدد جي ضرورت پوندي

اجلاس ۾ پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف کان علاوه وفاقي وزير به شرڪت ڪئي، جڏهن ته گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ۽ ٻيا عالمي اڳواڻ به اجلاس ۾ شريڪ ٿيا

پاڪستاني عوام جو جذبو ڏسي حيران ٿي: گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل

انتونيو گوتريس چيو ته مان پاڻ پاڪستان ويو آهيان ۽ ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو آهي، پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ٻيهر تعمير لاءِ هنگامي قدمن جي ضرورت آهي

گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جي حالت ڏسي دل ڏکاري ٿي پر ڏکين حالتن ۾ به پاڪستاني عوام جو جذبو ڏسي حيراني ٿي

فرانس پاران پاڪستان جي مدد لاءِ 10 ملين ڊالرز امداد ڏيڻ جو اعلان

ڪانفرنس کي خطاب ڪندي فرانسيسي صدر ايمنيوئل ميڪرون چيو ته فرانس جي عوام ۽ حڪومت طرفان پاڪستان جي عوام سان همدردي جو اظهار ڪريون ٿا

فرانسيسي صدر چيو ته فرانس پاڪستان جي مدد لاءِ 10 ملين ڊالر ڏيندو، مالياتي ادارن سان ڳالهين ۾ پاڪستان جي مدد ڪرڻ چاهيون ٿا، فرانس ڊگهي مدي ۾ پاڪستان جي ضرورتن موجب ماهر ۽ مالي مدد جاري رکندو

ڏکئي وقت ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل آهيون: ترڪ صدر

ترڪ صدر رجب طيب اردگان چيو آهي ته پاڪستان تاريخ جي بدترين ٻوڏ کي منهن ڏنو، ڏکي گهڙي ۾ پاڪستاني حڪومت ۽ عوام گڏ آهن

رجب طيب اردگان چيو ته کيس اميد آهي ته ڪانفرنس منعقد ٿيڻ سان پاڪستان کي ٻوڏ جي آفت مان نڪرڻ ۾ مدد ملندي

هن کي به پڙهندا

پاڪستان ۾ هر 7 ڄڻن مان هڪ ماڻهو ٻوڏ ۾ متاثر ٿيو آهي: بلاول

گڏيل قومن ۽ پاڪستان پاران ٻوڏ سٽيلن جي امداد لاءِ جنيوا ۾ ڊونرز ڪانفرنس