ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار عامر خان چيو آهي ته جنهن به اداڪاره جي هٿ تي ٿُڪيو آهي اها نمبر ون بڻجي وئي، ڀارتي ميڊيا موجب عامر خان پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو ته هو جنهن به اداڪاره جي هٿ تي ٿڪندو آهي ته اها نمبر ون اداڪاره بڻجي ويندي آهي، هن ڳالهه ۾ شامل ڀارتي اداڪاره پوجا بيدي عامر خان جي هن انڪشاف تي يقين ڪندي چيو ته هو به پنهنجي ڌيءَ عاليه کي چوندي ته هو عامر خان سان وڃي ملي، ان حوالي سان بالي ووڊ پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر فرح خان ماضي ۾ ڏنل انٽرويو ۾ ٻڌائي چڪي آهي ته عامر خان هٿ تي پڙهڻ جي بهاني اداڪاره کي پنهنجو هٿ اڳتي وڌائڻ جو چوي ٿو ۽ پوءِ ان تي ٿڪندو آهي، عامر خان هي ڪم ماضي ۾ سڀني سان ڪندو هو ۽ هاڻي به ڪندو آهي..