رياض (م ڊ) آرمي چيف جنرل عاصم منير سعودي وليعهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي خابرو اداري موجب وليعهد محمد بن سلمان سرمائي ڪئمپ ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير جي آجيان ڪئي. سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جنرل عاصم منير کي آرمي چيف بڻجڻ تي واڌيون ڏنيون ۽ ٻه طرفا لاڳاپا مستحڪم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات دوران سعودي عرب ۽ پاڪستان وچ ۾ فوجي ۽ دفاعي سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو.