اسلام آباد(م ڊ) شهيد صحافي ارشد شريف جي والده نامزد آرمي چيف جنرل عاصم منير کان پٽ جي قتل ڪيس ۾ انصاف جو مطالبو ڪيو آهي. هن چيو ته منهنجوو پٽ ارشد جنرل عاصم منير جي ساراهه ڪندو هو هو آيو ته آئون کيس پنهنجي پٽ جي حيثيت ۾ چونديس ته اسان کي انصاف ڏياري هو قرآن جو حافظ آهي ان کان وڌيڪ ڪو نٿو ڄاڻي ته الله مظلوم کي ڪيترو ويجهو آهي. منهنجو پٽ ملڪ جي دفاع لاءِ ڄمي بيٺو رهيو ايستائين جو قتل ڪيو ويو.