جنرل عاصم منير ڪير آهي ۽ ڪهڙن عهدن تي رهيو؟

0
384

ڪراچي: نئين آرمي چيف لاءِ نامزد ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير منگلا ٽريننگ اسڪول مان پاس آئوٽ ٿيو، فرنٽيئر فورس رجمينٽ مان ڪميشن پاس ڪئي

جنرل عاصم منير هاڻوڪي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي ماتحت برگيڊيئر طور ناردرن ايرياز ۾ فوج جي ڪمان سنڀالي

2017 ۾ جنرل عاصم منير کي ڊي جي ملٽري انٽيليجنس مقرر ڪيو ويو، آڪٽوبر 2018 ۾ کيس ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرر ڪيو ويو

آءِ ايس آءِ جي مختصر عرصي تائين قيادت بعد جنرل عاصم منير کي ڪور ڪمانڊر گوجرانوالا مقرر ڪيو ويو

ٻن سالن بعد جنرل عاصم منير کي جي ايڇ ڪيو ۾ ڪوارٽر ماسٽر جنرل مقرر ڪيو ويو، جنرل عاصم منير اڄ به ساڳئي عهدي تي ڪم ڪري رهيو آهي

ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير پهريون آرمي چيف هوندو جنهن آءِ ايس آءِ ۽ ملٽري انٽيليجنس ٻنهي ۾ ڪم ڪيو آهي

عاصم منير پاڪ فوج جو پهريون شمشير يافته آرمي چيف به هوندو

ھي به پڙھندا

جنرل عاصم منير کي نئون آرمي چيف مقرر ڪرڻ جو فيصلو

ايوان صدر کي آرمي چيف ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس جي سمري ملي وئي