اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيئر ترين ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير نئون آرمي چيف ۽ جنرل ساحر شمشاد چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي مقرر، وزيراعظم جي ايڊوائيز تي صدر اهم  مقررين جي منظوري ڏئي ڇڏي، وزير اعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ڪالھه صبح نائين وڳي  وفاقي ڪابينا جو خصوصي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ غور بعد  آخرڪار اهم عسڪري عهدن تي مقررين جو فيصلو ٿي ويو، وزيراعظم شهباز شريف ٻن سينيئر ترين ليفٽيننٽ جنرلز کي   اهم عهدن تي مقرري جي  منظور ڏني، سينيئر ترين ليفٽيننٽ جنرل  عاصم منير کي نئون چيف آف آرمي اسٽاف مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻئين نمبر تي سينيئر ترين ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد مرزا کي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي مقرر ڪرڻ جو فيصلو ٿيو آهي، اهڙي مقرري جي سمري وزيراعظم شهبازشريف حتمي منظوري لاءِ صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي اماڻي، ان کان اڳ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير جي 2 ڏينهن اڳ رٽائرمينٽ جي حوالي سان قانوني پيچيدگين جو حل به ڪڍيو ويو آهي، بچاءَ جي وفاقي وزير خواجا آصف آرمي ايڪٽ جي سيڪشن 176 تحت ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير کي ريٽين ڪرڻ جي سمري پيش ڪئي، جنهن کي ڪابينا منظور ڪري ورتو آهي، ان سلسلي ۾ گهرو وزير رانا ثناءُ الله ٻڌايو ته ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير هاڻي آرمي چيف جو عهدو سنڀالڻ تائين سروس تان رٽائرڊ نه ٿيندو، هوڏانهن صدر عارف علوي پاڪ فوج ۾ اعليٰ مقررين بابت سمري ملڻ بعد عمران خان سان مشاورت لاءِ لاهور پهچي ويو، صدر عارف علوي تحريڪ انصاف چيئرمين سان مشاورت ڪري واپس ايوان صدر اسلام آباد پهچي جنرل عاصم منير کي آرمي چيف ۽ جنرل ساحر شمشاد کي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي طور مقرري واري وزيراعظم جي سمري تي آئين جي آرٽيڪل 243 تحت صحيح ڪري منظوري ڏني، جنرل عاصم منير آرمي چيف طور 27 نومبر 2022ع ۽ جنرل ساحر شمشاد چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي طور 27 نومبر تي ذميواريون سنڀاليندو. صدر جي منظوري بعد وزيراعظم اعلي عسڪري سربراهن جي مقررين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندو، جڏهن ته نئون آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي جنرل سحر شمشاد صدر عارف علوي ۽ وزيراعظم شهبازشريف سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، نئين آرمي چيف عاصم منير وزيراعظم آفيس پهچي وزيراعظم کي سليوٽ ڪيو ۽ ساڻس ملاقات ڪئي، وزيراعظم شهبازشريف جنرل عاصم منير کي آرمي چيف طور مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ نئين ذميواري لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو،  وزيراعظم سان چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي جنرل ساحر شمشاد به وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي، وزيراعظم جنرل ساحر شمشاد کي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي مقرر ٿيڻ تي مبارڪ ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو،  وزيراعظم ٻنهي آفيسرن کي چيو ته اميد آهي ته اوهان جي سربراهي ۾ هٿياربند فوج قومي سلامتي کي درپيش چيلنجز کي سهڻي نموني منهن ڏينديون ۽ ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي رهندي. ان کان اڳ نئين آرمي چيف ۽ نئين چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي صدر عارف علوي سان به ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون.

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين نئين فوجي قيادت جي آجيان ڪري ڇڏي، پي ٽي آءِ چيو آهي ته فوج جي نئين قيادت مان اميد آهي ته هو آئيني حقن جي بحالي ۽ جمهويت جي مضبوطي ۾ ڪردار ادا ڪندي. پي ٽي آءِ پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ نئين آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جنرل ساحر شمشاد مرزا کي مبارڪون ڏنيون ويون آهن. پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته گذريل 8 مهينن ۾ واضح طور ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙيو ويو، جيڪي قدم کنيا ويا انهن سان ادارن جي ساک کي نقصان پهتو، انساني حقن جي بدترين خلاف ورزي نظر آئي، صحافتي ادارن تي دٻاءُ وڌو ويو ۽ صحافين کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو جڏهن ته ارشد شريف جهڙن صحافين کي شهيد، اعظم سواتي ۽ شهباز گل سان غيراخلاقي ورتاءُ ڪيو ويو، نئين فوجي قيادت مان سٺي عمل جي اميد آهي.