اسلام آباد: ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير جو تعلق او ٽي ايس جي ان ڪورس سان آهي، جيڪو 75 هين لانگ ڪورس کان جونئير ۽ 76 هين لانگ ڪورس کان سينيئر آهي، سندس ترقي موجود ڪور ڪمانڊر لاهور، منگلا، ڊي جي ايس پي ڊي ۽ آءِ جي ٽي اينڊ سان گڏ آڪٽوبر 2018ع ۾ ٿي هئي پر هن رينڪ تقريبن ڏيڍ مهيني جي دير سان لڳايو، جنهن ڪري هن جي رٽائرمينٽ جي تاريخ پنهنجي جونيئرز کان به پوءِ آهي، موجوده آرمي چيف جنرل باجوا جي رٽائرمينٽ کان 2 ڏينهن اڳ سندس رٽائرمينٽ جي تاريخ آهي،  ليفٽيننٽ جنرل عاصر منير پاڪستان ملٽري اڪيڊمي مان پاس آئوٽ ناهي، هن آفيسرز ٽريننگ اسڪول مان فوج جي فرنٽيئر فورس ريجمينٽ ۾ ڪميشن ڪئي هئي، جنرل عاصم منير آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ جو سربراهه رهي چڪو، هن وقت جي ايچ ڪيو ۾ ڪوارٽر ماسٽر جنرل مقرر آهي.