اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي اي سي ۾ اڳوڻي چيئرمين نيب جاويد اقبال جو پيش نه ٿيڻ وارو مامرو قومي اسيمبلي ۾پهچي ويو، پي اي سي چيئرمين نور عالم خان چيو ته عدالت تشريح ڪري سگهي ٿي پر آئين ۾ ترميم نٿي ڪري سگهي، آئين ۾ تبديلي رڳو پارليامينٽ ڪري سگهي ٿي، سپريم ڪورٽ جو جج رهندڙ شخص عورتن کي هراسان ڪري ٿو، جاويد اقبال کي جسٽس نه چوندس اهو مجرم آهي، سمورا پارليامينٽرينز، سرڪاري ملازم اثاثا ظاهر ڪرڻ جا پابند آهن. پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جي چيئرمين نور عالم خان چيو ته آئين جي خلاف ورزي ٿي رهي آهي، ڪجهه ادارا پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جي ڪم ۾ مداخلت ڪري رهيا آهن،

پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي ڀاشا ڊيم ۽ مهمند ڊيم جي تعمير لاءِ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار پاران ڪيل فنڊنگ بابت آڊيٽر جنرل کي چيو ته ان جي آڊٽ ڪئي وڃي ته ڪيترا پيسا جمع ٿيا ۽ ڪيس خرچ ٿيا، پر سپريم ڪورٽ آڊيٽر جنرل جي کي اهو ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي ۽ نيشنل بينڪ کي ڊيم فنڊ  اڪائونٽ جا تفصيل نه ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، سپريم ڪورٽ کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته آئين جي آرٽيڪل 107 تحت آڊيٽر جنرل آڊٽ ڪري سگهي ٿو، هن چيو ته ڪاميٽي کي ڪو به ادارو دستاويز ڏيڻ کان انڪار نه ٿو ڪري سگهي، ڪاميٽي وٽ ڏيڻو پوندو، هن چيو ته ماڻهن کي اسيمبلي جي مامرن ۾ مداخلت جو شوق ٿي ويو آهي،

هن چيو ته جاويد اقبال کان لاپتا ماڻهن جي ڪميشن جي سربراهي به واپس ٿيڻ گهرجي ڇو ته لاپتا مڙس جي بازيابي لاءِ ويل عورت کي ان چيو ته توهان ايترا خوبصورت آهيو، عورتن کي هراسان ڪيو ويو، مون کي ڀلي  گهرائي نااهل ڪيو وڃي، مون کي شهادت قبول آهي، جنهن ۾ هٿ وجهون ٿا سفارش اچي وڃي ٿي، بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو ته جنرل با وردي اچي سگهي ٿو ته اڳوڻو چيئرمين نيب پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي ۾ ڇو نه ٿو اچي سگهي؟ پارليامينٽ کي پنهنجي ڪاميٽي سان گڏ بيهڻ گهرجي، ڪا عورت نيب ۾ اچي ان جو ڪهڙو حال ٿيندو آهي اهو نور عالم ٻڌايو آهي، اڳوڻي نيب چيئرمين جي طلبي روڪڻ واري عدالتي حڪم تي خواجه آصف چيو ته اڳوڻو نيب چيئرمين ڇو  نٿو اچي سگهي، ان بابت رولنگ اچڻ گهرجي،

پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي ۾ پاڻ کي دفاعي ادارا ۽ دفاع وزارت به پاڻ کي پيش ڪري ٿي،خواجا آصف چيو ته پارليامينٽ ئي بالادست ادارو آهي، ان طرح ان جو تحفظ ٿيندو، مختلف ادارن کي استثنيٰ آهي، جيڪا آئين جي نفي آهي، پارليامينٽ بالادست ٿي وڃي پاڪستان ٺيڪ ٿي ويندو، جي ڊي اي جي فهميده مرزا چيو ته پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي ۾ جي ڊي اي جي نمائندگي ناهي، زباني ڳالهيون ڪرڻ سان پارليامينٽ بالادست نه ٿي سگهندي، مذهبي مامرن جي وزير مولانا عبدالشڪور چيو ته وزيراعظم ۽ منهنجو احتساب ٿي سگهي ٿو ته ٻين جو ڇو نه ٿو ٿي سگهي، پي ٽي آءِ جي ميمبر رانا قاسم نون چيو ته پارليامينٽ جي بالادستي قائم ڪرڻي آهي ته قانون ٺاهڻو پوندو.