ڪراچي(م ڊ) سينئر صحافين ۽ تجزياڪارن چيو آهي ته جنرل باجوه جي خطاب باوجود فوج جي ماضي جي ڪردار تي تنقيد ٿيندي، اداري جو سياست ۾ مداخلت نه ڪرڻ وارو فيصلو درست آهي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي سينئر صحافي ۽ اينڪرپرسن حامد مير چيو ته جنرل باجوه چيو ته فوج گذريل سال سياست ۾ مداخلت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ان جو مطلب ته ان کان اڳ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو هو ان تي تنقيد ٿيندي. مڃڻو پوندو ته 2018ع جي چونڊن ۾ مداخلت ڪئي وئي، ان بابت ڪيترين ئي سياسي پارٽين تنقيد ڪئي ان ڪري ئي عمران حڪومت کي سليڪٽڊ چيو ويو. هن چيو ته جنرل باجوه کي تبصرو ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي ها. اهو تبصرو غيرضروري هو اهو نه هجي ها ته بهتر هو. 1971 جي واقعن کي سياسي غلطي سڏڻ به درست نه هو نه ڳالهائي ها ته درست هو. ان وقت چونڊن جا نتيجا ڪنهن قبول نه ڪيا هئا؟ اها به حقيقت آهي ته 2018ع جي چونڊن کان اڳ سياسي اڳواڻ ٽوڙي هڪ پارٽي ۾ شامل ڪرايا ويا فوج کي به پنهنجي غلطين جو اعتراف ڪرڻ گهرجي عمران جي ان الزام جو جواب به ڏيڻ گهرجي ته عثمان بوزدار کي هٽائڻ جي معاملي تان فوج سان اختلاف ٿيا. اينڪر پرسن شاهزيب خانزاده چيو ته اداري جو سياست ۾ مداخلت نه ڪرڻ جو فيصلو درست آهي اميد آهي ته ايندڙ آرمي چيف به ان تي عمل ڪندو. فوج جي مداخلت جي ڪري ملڪ جي تاريخ ۾ نقصان ته ٿيو آهي. ڊان ليڪس به ٿيو، ون پيج واري حڪومت به تڪراري بڻي فوج فيٽف ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اسان ڏٺو ته ڪيئن بلوچستان حڪومت ڪيرائي وئي، سينيٽ جي چيئرمين جي چونڊ ڪرائي وئي ان مداخلت جي قيمت ملڪ ادا ڪئي آهي. هن چيوته فوج جو سياست ۾ مداخلت نه ڪرڻ جو فيصلو درست آهي عمران به قبول ڪري ۽ مداخلت ڪرڻ جي دعوت نه ڏئي. پر عمران خان عوام تي ڀروسو ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه آهي. اينڪرپرسن منيب فاروق چيو ته آرمي چيف عمران خان جي رويي تي  ڳالهايو، عمران کي فوج خلاف ڳالهائڻ جي کليل ڇوٽ ڏني وئي ۽ کيس آجو قرار ڏنو ويو. اهڙو رويو ڪنهن بلوچ، پختون يا ڪنهن ٻي سياسي پارٽي اختيار ڪيو هجي ها ته رويو ڪو ٻيو هجي ها. اسان پنهنجي غلطين جو مڪمل طور تي اعتراف ڪريون ته پوءِ ئي بهتري ٿيندي. فيبروري 2021ع کان اڳ فوج پراجيڪٽ عمران خان تيار نه ڪيو هو؟ عمران حڪومت اچڻ کان اڳ عدالتن مان فيصلا ڪنهن ڪرايا؟ هڪ آفيسر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ وڃي ويٺو. انهن غلطين جو به احاطو ڪرڻ گهرجي. سينئر صحافي انصار عباسي چيو ته آرمي چيف ٻه اهم ڳالهيون ڪيون عمران خان سڌو سازشن جو ذڪر ڪيو عمران جي سموري بيانيي جو جواب ڏنو. هي سٺو فيصلو ڪيو آهي. ايندڙ آرمي چيف جي ذميواري آهي ته ان غيرسياسي پاليسي تي عمل ڪري. اسٽيبلشمنٽ جي ماضي ۾ ٿيل سمورين غلطين کي نه ورجائڻ گهرجي. سينئر تجزياڪارارشاد ڀٽي چيو ته سياستدانن کي اعتراف جو احترام ڪندي اڳتي وڌڻ گهرجي. فوج کي اقتدار جو وسيلو نه بڻائين. اينڪر شهزاد اقبال چيو ته ڏسڻو اهو آهي ته سياست ۾ مداخلت نه ڪرڻ وارو معاملو عارضي ته ناهي. ڇا اهو وقتي معاملو آهي يا وري دنيا جي ٻين فوجن جيان اصولي فيصلو آهي اميد ڪرڻ گهرجي تي فوج مداخلت نه ڪندي.