جنرل باجوه جي مدي ۾ واڌ نه پر چونڊن تائين نئين آرمي چيف جي مقرري ملتوي ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي: عمران

0
272
پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي وڌيڪ هڪ ٻي مبينا آڊيو وائرل
پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي وڌيڪ هڪ ٻي مبينا آڊيو وائرل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان يوٽرن وٺندي چيو آهي ته آرمي چيف جي مدت ۾ توسيع جي ڳالهه نه ڪئي آهي، آرمي چيف جي مقرري نئين چونڊن تائين ملتوي ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي

قوم کي احتجاج جو آخري سڏ ڏيڻ وارو مامرو سيپٽمبر مهيني کان اڳتي کڻي نه ويندس، پنهنجي رهائشگاهه بني گالا ۾ صحافين جي هڪ گروپ سان ڳالهه ٻولهه ڪندي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته آرمي چيف جي مدت ۾ واڌ جي ڳالهه فوري عام چونڊن تائين مشروط آهي،آرمي چيف ڪير هجي ان حوالي سان ڪڏهن ڪجهه نه چيو آهي هميشه چيو آهي ته آرمي چيف جي مقرري ميرٽ تي ٿيڻ گهرجي

چيف جسٽس جي مقرري به ميرٽ تي ٿيڻ گهرجي، مون ڪا به اهڙي ڳالهه نه ڪئي هئي، جنهن تي آءِ ايس پي آر بيان جاري ڪيو، ٻن خاندانن کي ڪڏهن به آرمي چيف جو نالو سليڪٽ نه ڪرڻ گهرجي، نواز شريف پاڪستان آيو ته ان جو تاريخي استقبال ڪندس، فوري عام چونڊن جو اعلان ڪيو وڃي ۽ نئين چونڊيل حڪومت جي اچڻ تائين آرمي چيف جي مقرري ملتوي ڪئي وڃي، ڪجهه ماڻهن پنهنجي مفادن خاطر ملڪي سلامتي کي داءَ تي لڳايو آهي ٿي سگهي ٿو ته مان انهن ماڻهن جا نالا به ٻڌائي ڇڏيان، لانگ مارچ بابت هن چيو ته قوم کي آخري احتجاج جو سڏ ڏيڻ جو مامرو سيپٽمبر مهيني کان اڳي نه ويندو

هي مون کي ڌڪي رهيا آهن ته مان احتجاج جو سڏ ڏيندس، مون پاڪستان لاءِ ڳالهايو آهي جيڪو ادارو ملڪي مفادن سان گڏ آهي مان ان سان گڏ بيٺل آهيان، هنن کي سمجهه نه اچي رهي آهي ته منهنجي سوئنگ يارڪر کي هي ڪيئن کيڏن، موجوده چيف اليڪشن ڪمشنر پاڪستان جو نه پر ن ليگ جو آهي، مائينس ون فارمولو لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هنن کي معلوم آهي ته عمران خان جي هوندي ميچ نه ٿا کٽي سگهن، پنهنجي گرفتاري جي حوالي سان هن جو چوڻ هو ته منهنجي گرفتاري جون ڳالهيون ڪيون پئي ويون ته مان پنهنجو بيگ تيار ڪري ورتو هو، جنهن ۾ ڪتاب رکيا  هئا ته جيئن جيل ۾ مطالعو ڪندو رهان، آءِ ايم ايف به چئي چڪي آهي ته هن وقت پاڪستان ۾ ڪمزور ترين حڪومت آهي

ھي به پڙھندا

سڏ ڏنو ته حڪومت برداشت نه ڪري سگھندي: عمران خان