راولپنڊي (م ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ڪيپٽن (ر) صفدر چيو آهي ته جنرل باجوه ۽ جنرل فيص حميد جي پردي پويان لڳايل مارشل لا عوام کان اٽو کسي ورتو آهي. پاناما ڪيس ٻڌندڙ بليڪ ميلر جنجز ملڪ کي هن حال تائين پهچايو آهي، خلائي مخلوق ۾ جنرل باجوه ۽ جنرل فيض حميد شامل هئا. ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ۾ پيشي جي موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته اسان عدالتن کي نشانو نه پيا بڻايون. پر اڄ به جسٽس منير ۽ جسٽس ارشاد جهڙا ڪردار موجود آهن، ملڪ کي هن حال تائين پهچائيندڙ بليڪ ميلر جج آهن، عدالتن ڪڏهن رياست يا سياستدانن کي نه پر پنهنجي پينشن کي بچايو. هن چيو ته جسٽس ثاقب نثار گروپ سپريم ڪورٽ جي ججن کي بدنام ڪيو، موجوده حالتن جو ذميوار فيض حميد ۽ ثاقب نثار ٽولو آهي. هن چيو ته مريم نواز جو شاندار استقبال ڪيو ويندو، مريم جو استقبال نوازشريف جي استقبال جي ريهرسل هوندي، اهو استقبال فيض حميد ۽ ثاقب نثار ٽولي کي لوڙهي ڇڏيندو، جنرل مشرف ۽ ججن جي مداخلت ملڪ کي نه ڀرجڻ جوڳو نقصان پهچايو. هن چيو ته جنرل باجوه ۽ جنرل فيض حميد هاڻ ڪنهن شادي، تعزيت، تقريب يا بازار وڃڻ جي قابل به نه رهيا آهن جن اسان جي حڪومت کي ڊي ريل ڪيو انهن تي آرٽيڪل 6 لڳندو، مريم نواز واپس اچي پاڪستان خلاف سازشون ڪندڙن کي وائکو ڪندي، مريم 29 جنوري شام 4 وڳي لاهور ايئرپورٽ پهچندي.