لاهور (م ڊ) ن ليگ جي وفاقي وزير جاويد لطيف چيو آهي ته جنرل باجوا، ثاقب نثار سميت سڀني جا مفاد هڪٻئي سان جڙيل آهن. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جاويد لطيف چيو ته اڄ اهڙي صورتحال ٿي وئي آهي جو ادارن ۾ ويٺل ماڻهن کي مڪمل سچ ڳالهائڻو پوندو، ميثاق جمهوريت ٿيو ته ڪجهه ادارن ۾ ويٺل ماڻهن کي لڳندو انهن خلاف اتحاد بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته عمران خان ادارن ۾ ويٺل ماڻهن سان گڏجي ايندڙ 10 کان 15 سالن جي منصوبابندي ڪئي هئي، تنهن ڪري عمران خان کي ٻيهر اقتدار ۾ آڻڻ لاءِ سهولتڪاري ڪئي پئي وڃي. سندس چوڻ هو ته وڪيل اڳواڻ امان الله، جسٽس شوڪت صديقي، جنرل باجوا، ثاقب نثار سميت سڀني جي اعتراف ظاهر ڪري رهيا آهن ته سڀني جي مفاد هڪٻئي سان جڙيل آهن، جيڪڏهن عمران خان غلط چئي رهيو آهي ته جنرل باجوا سچي ڳالهه ڇو نٿو ڪري؟ کيس ڪنهن روڪيو آهي؟ ڇا رياستي ادارا ڪمزور ٿي چڪا آهن؟