اسلام آباد: بلوچ ريجمينٽ سان تعلق رکندڙ اظهر عباس هن وقت پاڪ فوج جي اهم ترين عهدن مان هڪ يعني چيف آف جنرل اسٽاف طور مقرر آهي، ان کان اڳ هن ڪور ڪمانڊر ٽين ڪور جي ڪمان ڪئي آهي، انهن ٻنهي عهدن  جي حد تائين جنرل اظهر عباس ۽ ساحر شمشاد مرزا جو پروفائل ملي ٿو، اظهر عباس ميجر جنرل ڪمانڊنٽ انفنٽري اسڪول مقرر رهيو، جڏهن ته اڳوڻي فوجي سربراهه جنرل اشفاق پرويز ڪياني وانگر مري جو جي او سي به رهيو، جنرل راحيل شريف جو پرسنل سيڪريٽري به رهي چڪو، هو ليفٽيننٽ جنرل طور ڊائريڪٽر جنرل جوائنٽ اسٽاف رهي چڪو آهي.