جنت مرزا بشريٰ انصاري کان معافي گهري ورتي

0
298

لاهور: (شو نيوز) ٽڪ ٽاڪ اسٽار جنت مرزا اداڪاره بشريٰ انصاري کان معذرت ڪندي چيو آهي ته مان ڪڏهن به جهيڙو ڪرڻ نٿي چاهيو.گذريل ڏينهن اداڪاره بشريٰ انصاري انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي هئي جنهن ۾ هن وضاحت ڏني ته مان جنت جي وڊيو واري معاملي کان مڪمل طور تي واقف نه هئس ان لاءِ تڪڙ ۾ پنهنجو بيان جاري ڪيو. پر جڏهن خبر پئي تيستائين جنت معافي گهري چڪي هئي ته مون فوري طور تي پوسٽ ڊيليٽ ڪري ڇڏي. ان کان پوءِ جنت مرزا پنهنجي پيغام ۾ بشريٰ انصاري کان معافي گهرندي چيو آهي ته اوهان جا چيل لفظ منهنجي ۽ منهنجي گهر ڀاتين لاءِ ڪافي سخت هئا. مون کي معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ ڳالهائڻو پيو.ٽڪ ٽاڪ اسٽار جو چوڻ هو ته اسان کي پنهنجن وڏن جي عزت ڪرڻ گهرجي. پر وڏن کي به ننڍن سان پيار ۽ محبت سان پيش اچڻ گهرجي. اوهان پيار سان سمجهايو ها ته مان سڀني جي سامهون هزار ڀيرا معذرت ڪريان ها. منهنجو مقصد ڪنهن جي دل آزاري ڪرڻ نه هو. جنت پيغام جي آخر ۾ اداڪاره بشريٰ انصاري کي ليجنڊ به قرار ڏنو.