اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عالمي ڪانفرنس لاءِ اسلام آباد ۾ سرڪاري سطح تي موجود اڪيلي اداري جناح ڪنوينشن سينٽر جي نجڪاري لاءِ 12 ريئل اسٽيٽ ڊولپرز کي اهل قرار ڏنو ويو آهي، نجڪاري وزارت جي ترجمان مطابق جناح ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد جي نجڪاري ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، نجڪاري وزارت 12 ملڪي ريئل اسٽيٽ ڊولپرز کي جناح ڪنوينشن سينٽر جي نجڪاري لاءِ نجڪاري پري ڪواليفاءِ ڪيو ويو آهي، جناح ڪنوينشن سينٽر جي نجڪاري حڪومت پاران هڪ بهترين ۽ نمايان نجڪاري ثابت ٿيندي، نجڪاري بعد جناح ڪنوينشن سينٽر تجارتي ۽ رهائشي سرمائيڪاري لاءِ مثالي اهميت وارو هوندو،




























