لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ ظل شاهه قتل ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي ضمانت منظور ڪري ورتي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان عدالت ۾ پيش ٿيو، عدالت دليل ٻڌڻ بعد عمران خان جي 2 جون تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي، عمران خان جي وڪيل سلمان صفدر دليل ڏيندي چيو ته عمران خان کي لاڏلو چيو وڃي ٿو، پر اڄ به 5 ڪيسن ۾ ضمانت ڪرائڻ لاءِ هو پيش ٿيو آهي، ان کان اڳ لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت به جناح هائوس حملي ڪيس ۾ عمران خان جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي عمران خان عدالت ۾ پيش ٿيو،  ٻڌڻي دوران عمران خان جي وڪيل سلمان صفدر چيو ته جڏهن اهو افسوسناڪ واقعو ٿيو، ان کان اڳ درخواست گذار گرفتار ٿيل هو، 10 مئي تي عمران خان نيب جي تحويل ۾ هو، جيئن ئي خبر پئي ته اهو واقعو ٿيو آهي ته عمران خان مذمت ڪئي، عدالت عمران خان جي ٽن ڪيسز ۾ 2 جون تائين عبوري ضمانت منظورڪندي کيس جاچ ۾ شامل ٿيڻ جو حڪم ڏنو،عدالت چيو ته عمران خان صاحب اوهان هڪ هڪ لک  رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرايو ۽  اوهان کي جاچ ۾ رڪاوٽ ناهي وجهڻي، جنهن تي عمران خان  چيو ته اوهان فڪر نه ڪريو، جناح هائوس حملي، زمان پارڪ وڳوڙن سوڌو ٽن ڪيسن ۾ 2 جون تائين ضمانت منظور ڪئي وئي.