جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ شاگردياڻين کي ھراسان ڪرڻ خلاف احتجاج

0
320

ڪراچي: سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي شاگردن شاگردياڻين کي مبينا ھراسان ڪرڻ خلاف جناح اسپتال جي مين روڊ تي احتجاج ڪيو

پوليس موجب شاگردياڻين پاران استاد تي جنسي ڏاڍائي جو الزام هنيو ويو آهي، جنهن خلاف اڄ يونيورسٽي ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو ويو ھو

شاگردياڻين الزام هنيو ته استاد ڪيترن ئي شاگردياڻين سان غير اخلاقي ڳالهيون ڪيون، آواز اٿاريندڙ  شاگردياڻين جي اسائنمينٽ کي بار بار رد ڪيو ويو

شاگردن جو چوڻ آهي ته جڏهن بي بي اي هيلٿ ڪيئر جي شاگردياڻي استاد خلاف آواز اٿاريو ته کيس ڌمڪيون ڏنيون ويون ۽ چيو ويو ته ”مون سان تعاون ڪريو نه ته مان اوھان کي فيل ڪري ڇڏيندس

شاگردياڻي جو چوڻ آهي ته هوءَ خوفزده هئي پر همت ڪري پنهنجي ساٿي شاگردن کي سڄو واقعو ٻڌايو، جنهن تي شاگردن استاد خلاف احتجاج ڪيو ۽ استاد سان جھيڙو بھ ٿيو