جميل احمد سومرو کي مبينا ڌمڪيون ڏيڻ تان گسٽا ضلعي صدرجِي ايم ابڙو گرفتار، احتجاج

0
249
جميل احمد سومرو کي مبينا

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل سومرو کي ڌمڪيون ڏيڻ واري مامري ۾ گسٽا ضلعي اڳواڻ کي گرفتار ڪيو ويو آهي

جميل احمد سومرو کي مبينا ڌمڪيون ڏيڻ تان گسٽا ضلعي صدرجِي ايم ابڙو کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جي ايم ابڙو جي گرفتاري خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

پوليس ذريعن موجب جي ايم ابڙو کي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو، سندس خلاف ڌمڪيون ڏيڻ جو ڪيس داخل ڪيو پيو وڃي، ٻڌايو پيو وڃي ته پوليس گرفتاري ظاهر ناهي ڪئي، ڪيس داخل ڪرڻ بعد ان کي ظاهر ڪيو ويندو

گسٽا ضلعي صدر جي ايم ابڙو جي ڌمڪين واري مبينا آڊيو وائرل ٿي هئي، گسٽا ضلعي صدر جي ايم  ابڙو جي مبينا گرفتاري خلاف  ماسترياڻين ۽ شاگردياڻين پاران ريلي ڪڍي وئي

مختلف اسڪولن جي ماسترياڻين ۽  شاگردياڻين پاران ريلي ڪڍي وئي،  پوليس خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي، ماسترياڻين ۽ شاگردياڻين جو چوڻ هو ته گسٽا ضلعي صدر جي ايم ابڙو جي گرفتاري جي مذمت ڪريون ٿا، کيس  بنا دير آزاد ڪيو وڃي

شاگردياڻين ۽ ماسترياڻين جو چوڻ هو ته جي ايم ابڙو استادن ۽ شاگردياڻين جي هر مسئلي تي ڀرپور آواز اٿاريو، کيس انتقام  جو نشانو بڻايو پيو وڃي