لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي، مفادن ۽ جمهوريت لاءِ ڪنهن سان به ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيان، سڀاڻي 18 مارچ تي عدالت ۾ پيش ٿيندس، ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ اڳوڻي وزيراعظم ڳالهين جو اشارو ڏيندي چيو ته پاڪستان جي ترقي، مفادن ۽ جمهوريت لاءِ آئون ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائيندس، ان ضمن ۾ ڪنهن سان به ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيان ۽ ان لاءِ آئون هر قدم کڻڻ لاءِ تيار آهيان. ان کان اڳ زمان پارڪ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته 18 مارچ تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، قانون جي حڪمراني ۽ عملدرآمد تي يقين رکان ٿو، منهنجي گرفتاري عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ نه مون کي مارڻ لاءِ آهي، جڏهن چئي ڇڏيو عدالت ۾ پيش ٿيندس ته پوءِ هي ڊرامو ڇو پيو رچايو وڃي، هي مون کي اتي گهرائي رهيا آهن، جتي سيڪيورٽي جا خدشا آهن، عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان ڪڏهن انڪار ناهي ڪيو. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته چونڊون ڪنهن به صورت ۾ 90 ڏينهن کان اڳتي اوڃڻ نه ڏينداسين، چونڊون 90 ڏينهن کان اڳتي ويون ته آئيني تحريڪ هلائينداسين. هوڏانهن لاهور م پارٽي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته منهنجي گهر تي هزارين پوليس اهلڪارن ۽ رينجرز چڙهائي ڪئي، ايئن لڳي رهيو هو ڄڻ آئون دهشتگرد هجان، منهنجي گرفتاري لاءِ بڪتر بند گاڏي گهرائي وئي، مونکي 50 سالن کان قوم سڃاڻي ٿي، هڪ دفعو به ڪو ٻڌائي ته مون قانون ٽوڙيو آهي، منهنجا ڪارڪن ڪاوڙ ۾ آهن، ڪارڪن چون ٿا ته توهان ڇو گهڙي گهڙي قانون تي عملدرآمد جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو. هن چيو ته هن ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ ماڻهو چندو مونکي ڏيندا آهن، جنهن سان ٽئين سڀ کان وڏي خيراتي اسپتال تعمير ٿي رهي آهي، جڏهن ته پهرين نمل يونيورسٽي ۽ هاڻ القادر يونيورسٽي تعمير ڪئي آهي، جيڪي سڀ غريبن آهن. هن چيو ته سڀ کان وڏي سياسي پارٽي جي سربراهه کي فوج ۽ پوليس پڪڙڻ اچي وڃي ٿي، پيشي 18 تاريخ تي هئي ۽ پوليس 14 تاريخ تي ئي پهچي وئي، 3 ڏينهن اڳ گرفتار ڪري ڇا ڪرڻو آهي، هي اعظم سواتي ۽ ٻين جهڙو سلوڪ ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا، جيل ۾ بند ڪرڻ جي پوري ڪوشش ان ڪري ڪئي پئي وڃي ڇاڪاڻ هو لنڊن پلان هو، قانوني ڪارروائي ناهي. عمران خان چيو ته مون ڪڏهن قانون ناهي ٽوڙيو، 85 ڪيس آهن پر لکي ٿو ڏيان ته ڪنهن هڪ ڪيس ۾ به منهنجي ڪا غيرقانوني شئي ثابت ڪري ڏيکارن، آئون پاڻ ئي سياست ڇڏي ڏيندس. هن چيو ته پهرين آئون ٻين ماڻهن تي ٽيڪٽ ورهائڻ جو ڪم ڇڏيندو هئس، مونکي خبر آهي ته 2018ع ۾ ٽڪيٽن جي روڇ غلط ٿي، جنهن ۾ پئسو به هلايو ويو،ان ڪري هاڻ آئون پاڻ ٽڪيٽون تقسيم ڪندس، منهنجي خلاف ته گهڻو ڪجهه ڪيو ويو، گذريل اليڪشن ۾ پيسا ڏئي ڪتاب شايع ڪرايو ويو پر مونکي افسوس ان ڳالهه جو آهي ته بشريٰ بيگم خلاف منصوبابندي مهم هلائي وئي، جيڪا عورت ايمان ۾ مون کان به اڳتي آهي، ان جي ڪردار ڪشي ڪئي وئي. عمران خان چيو ته جيڪا عورت نه ڪڏهن ڊنر تي ويندي آهي، نه شاپنگ يا ڪنهن شادي ۾ وئي آهي، جنهن جو نه بينڪ اڪائونٽ آهي، ان خلاف منصوبو ٺاهي مهم هلائي وئي.