جمهوريت جي جهنگ ۾!!

0
107
ڪھاڙيءَ ڏيون ڏوھه ڪھڙو اياز!

  “جانورستان” يعني (Animal Farm) جو مصنف جارج آرويل انگلينڊ جو آخري عظيم نثرنگار هو. بلڪل ايئن جيئن ٽي ايس ايليٽ انگلينڊ جو آخري وڏو شاعر هو.

 جارج آرويل ڪميونسٽ مخالف اديب هو. هن ۾ سوشلسٽ سماج ۽ تاريخ جي عظيم انقلاب جي لاءِ ايتري همدردي به نه هئي، جيتري آمريڪا جي نوبل انعام يافتا ناول نگار هيمنگوي ۾ هئي. پر صرف ڪميونسٽ مخالف هجڻ سبب ڪنهن جي ادبي عظمت گهٽ ٿي نه ٿي سگهي. نه ٿيڻ گهرجي. جارج آرويل واقعي هڪ تمام اعليٰ اديب هو. هن  جي ذات ۾ ڏات جا ڏيئا آخر تائين ٻرندا رهيا. ڇو ته هو هر طرح سان سٺو ۽ سچو هو، ان سولزي نٽسن کان، جيڪو سي آءِ اي جي مدد سان روس مان ڀڄي، آمريڪا ۾ انقلاب دشمن ادبي مورچو قائم ڪري ويٺو هو.

 جارج آرويل ان مهل سوشلسٽ سماج جي مٿان قلمي وار ڪيو، جنهن وقت سرد جنگ ڪتابن جي حوالي سان پروپيگنڊا جي طوفان ۾ تبديل نه ٿي هئي. هن کي جيڪڏهن آڪٽوبر انقلاب تي اعتراض هئا ته انهن جي نوعيت بنهه ذاتي هئي. ڇو ته هو پاڻ شخصي طور تي انساني آزاديءَ جو تمام وڏو پرستار ۽ تمام وڏو علمبردار هو. جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته هو اسپين ۾ هلندڙ فرانڪو جي فاشزم خلاف ويڙهه جو حصو نه بڻجي ها. ان لاءِ وڏي همت کپي ٿي. ان لاءِ اندر جي سچائي گهرجي ٿي. جيڪا ان جارج ويل ۾ هئي، جنهن ڪميونسٽ معاشري تي تمام گهڻيون ٽوڪون ڪيون. جنهن پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب “جانورستان” ۾ لکيو هو ته “ٻن ٽنگن وارا دشمن هوندا آهن”. “اهي دوست هجن ٿا، جيڪي چار ٽنگون هجن يا ٻه پر” جنهن لکيو هو ته “سمورا جانور هڪ جهڙا هجن ٿا پر ڪجهه جانور وڌيڪ هڪجهڙا هجن ٿا” پر ان قسم جون مشڪريون، هاڻي اسان کان وسري ويون آهن. ڇو ته اهو نظام ئي نه رهيو، جنهن تي اسان کي فخر ۽ مخالفن کي فڪر محسوس ٿيندو هو.

ڇا هي آرٽيڪل ڪميونسٽ زوال جي سببن تي لکجي رهيو آهي؟ ڇا هيءَ لکڻي ان اميد کي ٽيڪ ڏيڻ چاهي ٿي ته ايندڙ وقت وري به سرخ سويري جو آهي؟ هي آرٽيڪل نه ان عظيم شاعر عظيم انگريز شاعر تي آهي، جنهن Hollow Men “کوکلا ماڻهو” جهڙو عظيم ۽ لازوال نظم لکيو هو. جنهن ۾ هن لکيو هو ته:

“ايئن ئي دنيا جو انت اچي ٿو

ايئن ئي دنيا جو انت اچي ٿو

ڌڌڪار سان نه پر  ڪنجهڪار سان!”

هن دنيا جو انت ته هن مهل تائين نه اچي سگهيو آهي پر هن دنيا ۾ نئين دنيا جي تمنا ۾ تخليق ٿيل نظرين جو انت ڌڌڪار سان نه پر ڪنجهڪار سان ضرور آيو. اهو حشر جيڪو پهرين سوشلزم جي عملي صورت جو ٿيو. ان کان گهڻو ۽ تمام گهڻو برو حشر ان بعد جمهوريت جو ٿيو ۽ ٿيندو رهي ٿو. خاص طور تي ٽين دنيا جي انهن ملڪن ۾ جن آڏو آمريڪا امداد جا بند ٻڌي سوشلزم کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي.

ساحر لڌيانوي هڪ البيلو شاعر ۽ سوشلسٽ فڪر سان واڳيل ڪوي هو. هن پنهنجي هڪ مشهور فلمي گيت ۾ لکيو آهي:

“مان ۽ منهنجي تنهائي

اڪثر اهي ڳالهيون ڪنديون رهنديون آهن

تون هجين ها ته ڪيئن هجي ها؟

تون هجين ها ته هيئن هجي ها؟”

ڪجهه اهڙي ڪيفيت هن مهل منهنجي قلم جي طرف مڙي رهي آهي ۽ مان سوچي رهيو آهي ته جيڪڏهن هن وقت پاڪستان ۾  انگريز مصنف ۽ صحافي جارج آرويل هجي ها يا هن جي سلسلي جو ڪوئي مصنف موجود هجي ها ته هو صرف ٽوئٽر تي ڪجهه مختصر لفظن جا ٺينگ ٽپا ڏيڻ بدران پاڪستان جي سياسي ۽ رياستي بحران تي هڪ عدد اهڙو ڪتاب ضرور لکي ها، جيڪو هاڻي طارق علي وڏي عمر ٿي وڃڻ سبب لکي نه ٿو سگهي. پر سوال اهو آهي ته ان ڪتاب ۾ ڇا هجي ها؟ اهو ڪتاب ڪهڙي طرح پيش ڪري ها پاڪستان جي موجوده سياسي صورتحال کي؟ جيڪڏهن اسان ملڪ جي موجوده حالتن کي جارج آرويل جي ڪتاب “جانورستان” جي حوالي سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا ته پوءِ لازمي طور تي پاڪستان کي به هڪ جهنگ جي صورت ۾ پيش ڪرڻو پوي ها. پر اهو هڪ “جمهوري جهنگ” ڪوٺيو وڃي ها ۽ ان جهنگ جي تعارف جي ابتدا ڪجهه هن ريت هجي ها:

“پاڪستان جي جمهوري جهنگ ۾ هن مهل حالتون ڪجهه نه پر ڪافي مختلف آهن. ڇو ته شينهن مجبور آهن. جيتوڻيڪ اڄ به بادشاهي انهن جي آهي پر هو پنهنجي سر مٿان ايئن تاج رکي نه ٿا سگهن، جيئن انهن جي جنس جا جانور ڪالهه تائين رکندا هئا. وڏي ڳالهه ته انهن جي بادشاهيءَ جو اعلان ڪرڻ جو شرف به ٻيو ڪنهن کي حاصل نه هوندو هو. هو پاڻ پنهنجن هٿن سان آمريت جي حڪومت جو تاج پائي پاڻ اعلان ڪندا هئا ته هاڻي عام جانورن جي ووٽ وارو نظام يعني جمهوريت نه هلندي. ڪٿي ڪٿي ڪوئي هاٿيءَ جهڙو سگهارو چار ٽنگو پنهنجي سگهاري سونڊ مٿي ڪري بغاوت ڀريو نعرو هڻندي اعلان سوال پڇا ڪندو هو ته پوءِ “آئين جو ڇا ٿيندو؟” ان جي جواب ۾ آمريت جي تخت تي ويٺل شينهن جگجوڙ ڪري چوندو هو ته “سڀ کان اڳ ۾ اهو ٻڌايو ته اوهان کي جهنگ کپي يا جمهوريت؟ مان سمجهان ٿو ته جهنگ هوندو ته اوهان به هوندا. اوهان جي حياتيءَ جو محافظ جهنگ آهي. جمهوريت ڪڏهن به اوهان جي حقن جو تحفظ ڪيو آهي. جمهوريت ته جهنگ جو ستياناس ڪيو آهي. ڪڏهن هن جهنگ تمام گهڻو آباد هو. هن ۾ تمام گهڻا وڻ هئا. هن ۾ تمام گهڻو  شڪار هو. جهنگ جو سرمايو جمهوريت جي ذريعي چونڊجي آيل جانور ڪرپشن ڪري کائي ختم ڪري چڪا آهن. هن مهل جهنگ جي اصل وجود کي خطرو لاحق ٿي چڪو آهي. اوهان ڪجهه به چيو ۽ ڪجهه به ڪيو. پر شينهن ٻيلي جي حفاظت جو فيصلو ڪري چڪا آهن.”

اهڙي اعلان کان پوءِ ٽين دنيا جي ملڪن ۾ اهو ڪجهه ٿيندو هو، جيڪو ڪجهه ٿيندو رهيو آهي.

هڪ وقت اهڙو به هو، جڏهن جمهوري جانورن جا ڏوهه ڏڪندا هئا ته انهن جي غلطين سبب اهڙيون حالتون نه پيدا ٿي پون، جن سبب شينهن کي پنهنجي بادشاهي مڪمل طور تي پنهنجي هٿ ۾ وٺڻي پئي. ان ڪري پاڪستان به انهن جمهوري جهنگن مان هڪ جهنگ رهيو آهي، جنهن ۾ ڪجهه ڏيڻ ڪجهه وٺڻ ۽ ڪجهه سهائڻ ۽ ڪجهه سهڻ سان معاملو هلندو رهيو آهي پر تاريخ شاهد آهي ته جڏهن به واگهن جي ويڙهي ۾ ڪنهن جهنگ جي ڪنهن جمهوري جانور ڪنهن به قسم جي مداخلت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته صرف ان کي نه پر ان ڏوهه جي سزا پوري جمهوري جهنگ کي ملي آهي ۽ جمهوري جهنگ جو اهو مقدر رهندو آيو آهي ته ان جيڪو جيترو ڪمزور هوندو، ان کي ايتري گهڻي پيڙا پلئه پوندي!

جارج آرويل جي تمام تيز نظر سان ڏٺو وڃي ها ته هن مهل پاڪستان جي جمهوري جهنگ ۾ اهو ڪجهه ٿي رهيو آهي، جيڪو ڪجهه اڳ ۾ نه ٿيو هو. هن وقت جمهوري جانورن جو مستيون ايتريون وڌي ويون آهن، جن جي ڀيٽ ماضيءَ جي حالتن سان هرگز نه ٿي ڪري سگهجي. ڇو ته جمهوري جهنگ ۾ صرف سياست جو ئي نه پر ميڊيا جو شعبو به ته موجود آهي ۽ ميڊيا جي شعبي کي ڪڏهن اها همت نه ٿيندي هئي جو اهو شينهن جي حوالي سان “غير ذميوار اظهار” جو مرتڪب ٿي سگهي پر هاڻي هر ڪنهن کي پنهنجو پاڻ آزادي حاصل ٿي وئي آهي ته هو جمهوري جهنگ ۾ شروع ٿيل سوشل ميڊيا تي ڪجهه به لکندو رهي ۽ پوري دنيا کي ٻڌائيندو رهي ته هو پنهنجي مخصوص سوچ سبب سياسي حالتن جي حوالي سان ڇا سوچي رهيو آهي؟ هي ته نئون دور آهي. پر جڏهن قديم يونان مان فڪر ۽ فلسفي جي اڃان ابتدا ٿي هئي، تڏهن هڪ مشهور مفڪر هيراڪليٽس لکيو هو ته You can not put your foot twice in same water يعني “اوهان پنهنجو پير ساڳي پاڻيءَ ۾ ٻه ڀيرا ٻوڙي نه ٿا سگهو.” انهن لفظن کي تبديليءَ جي سائنس جو بنياد قرار ڏنو ويندو آهي ۽ چيو ويندو آهي ته هر شيءَ هر وقت تبديليءَ جي عمل مان گذري رهي آهي. ان حوالي سان صرف اهي پهاڙ نه جيڪي هاڻي چورو بڻجي بقول اياز امير سيمنٽ فيڪٽرين جو کاڄ بڻجي رهيا آهن پر ڪالهه جا تمام گهڻا طاقتور ڪردار اڄ تمام گهڻا ڪمزور نظر اچن ٿا ۽ انهن ۾ سياسي طور تي سڀ کان وڏي سگهه هوندي هئي، ڪڏهن انهن شينهن ۾ جيڪي پاڻ کي جهنگ جو اصل محافظ سمجهندا هئا ۽ انهن جي نظر ۾ جمهوريت ڪو نظريو يا نظام نه پر جهنگ جي خلاف اولهه جي سنگين سازش آهي. اڄ انهن جو حال  به اهو آهي ته هو ان تاج جي توهين جو تماشو ڏسي خاموش آهن، جنهن سان هن مهل پاڪستان جي جمهوري جهنگ جا گدڙ، لومڙ ۽ بگهڙ ايئن کيڏي رهيا آهن، جيئن ننڍا ٻار کينهونءَ سان کيڏندا آهن. اهو سڀ ڪجهه جيڪڏهن ڪالهه ٿئي ها ته اهو ٿيندو ڏيڻ نه ڏنو وڃي ها ۽ اها به حقيقت آهي ته جيڪڏهن ڪالهه اهو ڪجهه نه ٿئي ها ۽ جيڪڏهن ملڪ کي جمهوريت جو جهنگ بڻائي، ان ۾ جارج آرويل جي بقول ڪجهه سياسي جانور جمهوريت سان ايتري گهڻي زيادتي نه ڪن ها ته اڄ اهو ملڪ سياسي ۽ معاشي طور تي ايترو ڪمزور نه بڻجي وڃي ها جو ان سياسي اسٽيج تي پيش ٿيندڙ سياسي  ڪاميڊي (Political Comedy) به ڪنهن اڻ اظهاريل افسوس سبب سنجيدگيءَ سان سڻي پئي وڃي. اهو هڪ الميو آهي!!

اهو هڪ اهڙو الميو آهي، جنهن جو اظهار گلزار پنهنجي مشهور فلم “ماچس” ۾ ڪجهه هن ريت ڪيو آهي ته “ان مهل مون محسوس ڪيو ته حالتون ساڳيون نه رهيون آهن، جڏهن هڪڙا دوست پنهنجن سک دوستن کي سکن تي ٺهيل لطيفا ٻڌائڻ کان احتياط ڪرڻ لڳا هئا”پاڪستان ۾ به حالتون ڪجهه اهڙو روپ اختيار ڪري رهيون آهن. اسان کي هاڻي سياسي تماشي تي لکڻ بدران افسوس جهڙي ڪيفيت محسوس ٿيڻ لڳي آهي. ڇو ته پنهنجي زوال تي لکڻ جي لاءِ تمام وڏي ظرف جي ضرورت هوندي آهي. جيڪڏهن اهو ڪجهه هجي ها، جيڪو ڪجهه ناهي ته اهو ڪجهه ڇو هجي ها؟ جيڪو ڪجهه آهي!!؟