جمهوريت بهترين انتقام آهي ؟

0
221
جمهوريت بهترين انتقام آهي ؟

 هٽلر لاءِ مشهور آهي ته هن هڪ ڀيري ايوان ۾ پاڻ سان گڏ هڪ ڪڪڙَ کي آندو ۽ سڀني جي سامهون ان جا کنڀ ڇڪي پٽڻ لڳو. ڪڪڙ کنڀ پٽجڻ تي دانهون ته گهڻيون ڪيون پر هٽلر جيئن ته هٽلر هو سو هن پنهنجي ڪم کي جاري رکيو ۽ اهڙي طرح هڪ هڪ ڪري ڪڪڙ جا سڀ کنڀ ڇڪي پٽي انهن کي مروڙي زمين تي ڦٽو ڪري ڇڏيو. بعد ۾ پنهنجي کيسي مان ڪجهه ان جا داڻا ڪڍي ڪڪڙ جي سامهون اڇليندي پاڻ هوريان هوريان سرڪڻ لڳو. ڪڪڙ به داڻن کي چڳندي هٽلر جي پويان پويان هلڻ لڳو. هٽلر داڻا اڇلائيندو رهيو، ڪڪڙ داڻن کي چڳندي هٽلر جي پويان هلندو رهيو ۽ جڏهن داڻا ختم ٿي ويا ته آخرڪار اهو ڪڪڙ هٽلر جي پيرن ڀر بيهي رهيو. ان وقت هٽلر اسپيڪر ڏانهن ڏٺو ۽ هي تاريخي جملو چيو، “جنابِ اسپيڪر، جمهوري ملڪن جو عوام هن ڪڪڙ وانگي هوندو آهي. انهن ملڪن جا اڳواڻ پنهنجي عوام جو سڀڪجهه لٽي ڦري ان کي لولو-لنگڙو بڻائي ڇڏيندا آهن. ۽ بعد ۾ ان کي ٿورو ٿورو  ڏئي ان جا مسيحا بڻجي پوندا آهن.”

مٿئين قصي کي پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو گهٽ ۾ گهٽ اسان جهڙن ملڪن جي جمهوريتن بشمول آمريتن ۾ به ايئن ئي ٿيندو رهي ٿو. جيتوڻيڪ اسان جهڙن ملڪن جون جمهوريتون نالي ماتر ۽ آمريتون حقيقتون آهن، گڏوگڏ اسان جي سياسي پارٽين جي اڳواڻن يا آمراڻي حڪومتن جي سربراهن جا احساس، عمل، نيتون ۽ سرگرميون هٽلر جهڙيون ئي نظر اچن ٿيون. هٽلر جهڙو اندريان هو تهڙو ٻاهرايان هو پر اسان جا جمهوري سياستدان عوام جا ڀرجهلا (زباني ۽ نمائشي طور) صرف ان وقت بڻبا آهن جڏهن اهي حڪومت کان ٻاهر هوندا آهن. اهي شهيد بشير قريشي جي مزار تي حاضريون به ڀريندا آهن، بلوچستان ۽ سنڌ مان کنڀيل ماڻهن جي ڪٽنبن سان به ملندا آهن ۽ رياستي ادارن کي پنهنجي آئيني ذميداري نڀائڻ جا ڀاشڻ به ڏيندا آهن، بنگلاديش جي ٺهڻ تي واڳون وارا ڳوڙها به هاريندا آهن، “ووٽ کي عزت ڏيو”، “ٻه نه هڪ پاڪستان” ۽ “جهموريت بهترين انتقام آهي” جهڙن انقلابي ۽ دلفريب نعرن کي گهڙي عوام کي انهن جي سحر ۾ قابو به رکندا آهن پر ڪندا اهوئي ڪجهه آهن جن لاءِ هنن کي ڪرسين تي سڏي ويهاريو ويندو آهي.

16 جون واري اڌ رات پيٽرول ۽ ڊيزل جي في لٽر قيمتن تي ترتيبوار 24 ۽ 59 روپيا واڌ ڪري حڪومت آئي ايم ايف کي ته خوش ڪري ڇڏيو آهي پر عوام تي جيڪو مهانگائي جو بم ڪيرايو ويو آهي ان لاءِ صرف هڪ جملو ته، “جيڪڏهن حڪومت سخت فيصلا نه ڪندي ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري ويندو.” ڪافي آهي. اسان هاڻي گهٽ ۾ گهٽ هي اميد ڪري سگهون ٿا ته ملڪ جي عمر جيڏي عمر رکندڙ جملي “ملڪ نازڪ دور مان گذري رهيو آهي.” مان جند آجي ٿي ويندي! اتحادي حڪومت جا هي فيصلا ته سخت فيصلن کان به مٿاهان آهن. سخت فيصلا ته هر اڳوڻي حڪومت ڪندي آئي هئي ۽ جن کي دل تي پٿر رکي ڪرڻ جو اعزاز هن اتحادي حڪومت به حاصل ڪيو آهي. پر 16 جون وارن سندن فيصلن کي مان “سرڪش فيصلا ” ئي چوندس ڇاڪاڻ جو هن قسم جا ڪم ته سرڪشي ۾ ئي ٿي سگهن ٿا. هڪ اتحادي حڪومت، ٻيو هن جو مدو 15 مهينا جنهن مان به ٻه مهينا گذري چڪا آهن ۽ “اجهو ٿي وڃي” جي تلوار به هن جي سِر جي مٿان لٽڪي رهي آهي: باوجود ان جي پنهنجي ٻن مهينن جي عرصي دوران تيل جي شين جي قيمتن کي تقريبن ٻٽو ڪرڻ کي اسان حڪومت جي مجبوري سمجهون يا ان ورڪ پلان جو حصو جنهن جي آڙ ۾ عمران خان جي حڪومت کي هٽايو ويو ۽ هنن کي آندو ويو. حڪومتي اڪابر چون ٿا ته، “اهي سمجهي سگهن ٿا ته اسان جي هنن فيصلن سان مهانگائي جو وڏو طوفان ايندو پر ڏکيا فيصلا ڪرڻ هنن جي مجبوري آهي.” وري مٿان عوام کي هي سکڻو دلاسو ته، “ڏکن پويان سک به ايندا آهن جيڪڏهن هي فيصلو نه ڪريون ها ته قوم کي قيمت ادا ڪرڻي پوي ها.” هنن کان ڪير پڇي ته پيٽرول جي في لٽر قيمت کي 24.3 روپيا مهانگو ڪري ان کي 234 رپين تائين ۽ ڊيزل کي 59.16 روپيا  مهانگو  ڪري ان کي 263 تائين کڻي آڻڻ جو ڇا مطلب آهي. ڇا تيل جي هنن نين قيمتن کي آسمان مان ايندڙ خلائي مخلوق ڀريندي. عام عوام کي 2000 جو ڏٽو ڏيندڙ هن حڪومت کي چڱي طرح سان خبر آهي ته اهي ٻه هزار هٽلر جي مٿي بيان ڪيل قصي جي ترجماني ڪن ٿا پر ساڳئي وقت هنن کي هي به خبر آهي ته پاڪستاني عوام کي درگذر ڪرڻ ۽ هر مصيبت کي برداشت ڪرڻ جي ستي پيل آهي سو هنن 15 مهينن ۾ جيڪو ڪجهه ڪرڻو آهي سو ڪري وٺون.

اڃان اڳتي هلو. لائيٽ ڊيزل جي في لٽر قيمت کي 29.16 روپيا مٿي آڻي ان جي نئين قيمت 207.47 ڪئي وئي آهي. گاسليٽ جي في لٽر قيمت ۾ 29.49 روپين جي واڌ ڪئي وئي آهي اهڙي طرح گاسليٽ جي نئين قيمت 211.43 روپيا ٿي وئي آهي. مفتاح اسماعيل پنهنجي هن فيصلي تي خوش نظر آيو ته هاڻي تيل جي شين تي سبسڊيز مڪمل طور تي ختم ٿي ويون آهن. هن عمران خان تي الزام هڻندي ۽ پنهنجي هن سرڪش فيصلي جو دفاع ڪندي چيو ته، عمران خان آئي ايم ايف سان في لٽر ملهه تي 64 روپيا ٽيڪس لڳائڻ جو معاهدو ڪري آيو هو. جيڪو موجود آهي ۽ اسان جا هٿ ٻڌل آهن. ڪاش هي به چئي ها ته ٻئي طرف اسان جا پير ۽ ٽئين طرف اسان جون اکيون ڪجهه به نه ڏسي رهيون آهن ڇاڪاڻ جو هي سڀ جڏهن اپوزيشن ۾ هئا ته، شهباز شريف آئي ايم ايف کي پنهنجي پيرن تي ويهارڻ جي ڳالهه ڪندو هو. بلاول پي ٽي آئي ايم ايف چوندي نه ٿڪبو ڪونه هو ۽ مولانا ملڪ جي مالياتي ادارن کي غيرملڪي طاقتن جي حوالي ڪرڻ جهڙا بيان ڏئي نيوٽرل کي عمران خان جي خلاف قدم کڻڻ جي لاءِ اڪسائيندو رهندو هو. پر هاڻي جڏهن هي سڀ حڪومت ۾ آهن ته نه مهانگائي مارچ هنن کي ياد آهن، نه هنن کي اسلام آباد ڏانهن ٿيل ڌرڻا ياد آهن نه پي ڊي ايم جا پليٽ فارم جنهن جي بنياد تي هي سڀ عوام کي سک ۽ ملڪ کي غيرملڪي مالياتي ادارن جي چنبي مان آزاد ڪرائڻ جون ڳالهيون ڪندا هئا سڀ جون سڀ وسري ويون آهن. هاڻي هنن کي نيب، اليڪشن ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي لاءِ قانون سازي ڪرڻ ۽ ڪيئن به ڪري سرڪش فيصلا ڪرڻا آهن.

هوڏانهن سنڌ، پنجاب ۽ پختونخوا جي مالي سال 2022-33 لاءِ بجيٽس به پيش ٿي چڪيون آهن. سنڌ ۽ پختونخوا جي ترقياتي مد ۾ رکيل ڏوڪڙن تي عوام حيراني جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته گهٽ آبادي رکندڙ صوبو پختونخوا به اسان کان اڳتي نڪري ويو آهي. ان جو آءُ پاڻ به اکين ڏٺو شاهد آهيان ته پختونخوا ۽ سنڌ جي ترقي ۾ زمين آسمان جو فرق اچي چڪو آهي. جنهن مان لڳي ٿو ان صوبي جي حڪومت پنهنجي عوام ۽ علائقي سان ڪيتري سچي آهي جو سطح سمنڊ کان     9000 فوٽن کان به مٿي تفريحي ماڳ مالم جبا تائين جيڪي روڊ رستا جڙيل آهن اهي پنهنجو مثال پاڻ آهن. پر اسان وٽ پنج ساڍا پنج هزار فوٽن تي گورک هل اسٽيشن لاءِ جي ٽي روڊ جهڙو روڊ ته پري رهيو پنجاب جي ڳوٺن ڏانهن  ويندڙ رستن جهڙو به ناهي.

حڪومت پاران 11.0 سيڪڙي واري مهانگائي شرح جنهن کي برقرار رکڻ جي دعوى ڪئي پئي وڃي ۽ جنهن کي دنيا جي ٽاپ يونيورسٽيز جي پروفيسرن پاران رد ڪيو ويو آهي ۽ هنن پاران 41 سيڪڙي کان مٿي جي شرح جو کلم کلا اظهار ڪيو ويو آهي هاڻي هي ڪيئن ممڪن آهي ته تيل جون هاڻوڪيون قيمتون انهن کي برقرار رکنديون. بلاول جڏهن هي لفظ “جمهوريت بهترين انتقام آهي” اچاريا هئا ته اسان سمجهيو هو ته سندس اهي لفظ ملڪ جي فسطائي ڌرين لاءِ آهن پر اڄ هاڻي جڏهن هو هن اتحادي حڪومت ۾ پرڏيهي وزير آهي ته سندس چيل لفظ تصديق ڪن ٿا ته واقعي “جمهوريت بهترين انتقام آهي”.