عمرڪوٽ: جمن دربدر شاعريءَ جي شروعات 1968ع ڌاري عشقيه شاعريءَ سان ڪئي ۽ پوءِ عوامي ڏک سک ڏسي قومي شاعري ڪئي، سندس شاعري مشهور فنڪارن شفيع فقير، صادق فقير، سرمد سنڌي ۽ ٻين ڳائي آهي، جڏهن ته جمن دربدر خود به سٺو فنڪار هو، اسٽيج تي سازن توڙي بنا سازن سان ڳائي محفلون مچائيندو رهندو هو.