حيدرآباد: ثقافت کاتي پاران جمن دربدر ۽ مٺو مهيري کي ڀيٽا پيش ڪرڻ واري تقريب حيدرآباد جي سنڌ ميوزيم جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ ٿي، جنهن کي ”هڪ شام سنڌ جي عاشقن جي نانءُ“ جو موضوع ڏنو ويو هو. تقريب ۾ جمن دربدر ۽ مٺو مهيري جون تصويرون رکي انهن آڏو گل رکيا ويا ۽ ڏيئا به ٻاري کين ڀيٽا پيش ڪئي وئي. تقريب ۾ اديبن، شاعرن، سياسي ڪارڪنن، شاگردن ۽ ساڃاهه وند ڌرين سميت عورتن به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جمن دربدر جي پٽ سگهڙ جمن وٺي هر هر جنم وربو ڳائي پنهنجي والد کي ڀيٽا پيش ڪئي جڏهن ته نامياري راڳي شفيع فقير، سيف سميجو، ريشما پروين، الهڏنو خاصخيلي، انو سولنگي ۽ ٻين قومي گيت پيش ڪري ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو. تقريب جي ڪارروائي نامياري براڊ ڪاسٽر ۽ اديب نصير مرزا هلائي.