جمن دربدر: هڪ قومي ڪارڪن ۽ سيڪيولر آرٽسٽ!

0
158
جمن دربدر: هڪ قومي ڪارڪن ۽ سيڪيولر آرٽسٽ!

 اسان، منهنجي گهر روحل واءِ کان نڪتاسين. علي اڪبر پڇيو ڪيڏانهن هلجي؟ مون چيو ماما جمن ۽ حليم باغي سان ڪچهري ٿا ڪريون. پون ڪمار ۽ اشيش راج به گڏ هليا. مون کي خبر نه هئي ته اها ملاقات آخري ملاقات هوندي. ماما ۾ هڪ مرياڌا هئي، هو ماڻهو ماڻهو جي پرک رکندو هو. اسان کلي خوب ادبي سياسي ڪچهري ڪئي. ماڻهو هليو ويندو آهي، ڪردار باقي رهندو آهي:

هي دنيا هل چل جي بستي هِت ماڻهو ايندا ويندا هِن

چار گهڙيون مهمان رهي پرلوڪ پداري ويندا هِن

دربدر)

                 جمن دربدر گذاري ويو آهي ۽ پوئتي ڇڏي ويو آهي ڪردار. ماڻهو مري ويندا آهن، پر ڪردار ياد رهندو آهي. چاهي اهو ڪردار وطن دوستي جو هجي يا وطن دشمني جو. چاهي اهو ڪردار جنگ ۽ فساد وارو هجي، يا امن ۽ ڀائيچاري وارو هجي، چاهي اهو ڪردار مزدور جي پاسي هجي يا سرمائيدار جي پاسي هجي، اهو سامراجيت سان سٻنڌ ۾ هجي يا مظلوم قوم جي حق ۾ هجي: ماڻهو جي سڃاڻپ تاريخ جي ڪتابن ۾ قيد ٿي ويندي آهي. جمن دربدر کاٻي پاسي بيٺل هو.

دربدر، شروع ۾ ڪميونسٽ سياست ڪئي. اسٽڊي سرڪل ڪيا، سياسي شعور جي واڌ ويجهھ لاءِ ان تربيت جو سندس جيون سفر ۾ بنيادي ڪردار آهي. پوءِ قومپرستي جي نظريي تي ڄمي بيهي رهيو. ماما جمن، پاڻ چوندو هو ته عبدالواحد آَريسر کيس قومي تحريڪ ۾ وٺي آيو هو، پر دربدر تي جنهن شخص گهڻو اثر ڇڏيو، اهو سائين جي ايم سيد هو. هو سائين کي ماءُ جيان ڇپر ڇانوءَ سمجهندو هو. هن ڪڏهن به ليڊر هئڻ جي هام نه هنئي هئي. هڪ ڪارڪن جيان ئي سنڌ جا واهڻ وسنديون گهمندو رهيو. ڪافي ليکڪ جمن دربدر کي سماج سڌارڪ لکن ٿا. اها بدنيتي ۽ منافقت آهي ته هڪ قومي ڪارڪن کي سماج سڌارڪ لکيو وڃي: اها اين جي اوز جي ٻولي آهي. لکو ته ذميواري سان لکو، ماڻهو کان ان جو حقيقي تعارف نه کسيو.

1942ع کان 20 آڪٽوبر 2022 تائين لڳ ڀڳ اسي سالن جي اها ڄمار، پنهنجي پورهيي سان امر ڪري ويو. زندگي اها هوندي آهي جيڪا ماڻهو جسماني طور مرڻ کان پوءِ جيئي ٿو. امرڪوٽ ويجهڙ جي تاريخ ۾ ٻه وڏا ماڻهو پيدا ڪيا: عبدالواحد آريسر ۽ جمن دربدر. ٻئي مدرسن مان نڪري قومپرست بڻيا. عبدالواحد ۽ جمن دربدر جي زندگي مان تاثر ملي ٿو ته هڪ پورهيت ڪلاس جو ماڻهو به هاڪاري ۽ عوام دوست سياست ڪري سگهي ٿو. اسان وٽ گهڻو ڪري پئسي وارا سياست ڪندا آهن، اهڙن نام نهاد سياستدانن پئسو گهڻو ڪمايو آهي، پر فضيلت واري سياست گهٽ ڪئي آهي. دربدر ۽ آريسر وڪاڻا نه: اهڙو ڪردار عبدالواحد ۽ جمن کي الڳ ڪري بيهاري ٿو.

هن ڪڻڪ جو لابارو ڪيو، بس تي ڪنڊيڪٽر ٿي رهيو، هوٽل تي ٻاهر وارو ٿي رهيو، آرٽ کي گذرِ معائش ۽ سياست جو ذريعو به بڻايو. هن ڪشٽ ڪاٽيا، ڏک ڏٺا، محنت مزدوري ڪئي، پر عشق کي سلامت رکيو. ڪٿي آڌي، ڪٿي اسر، ڪٿي بُک ته ڪٿي اُڃ، ڪٿي رولاڪي ته ڪٿي اوجاڳو. هن لوڪ گيتن ۾ ويساھه وڌو، شاعري ۽ سنگيت کي مزاحمت جي ميدان تي لاٿو. ڳايو وڄايو، سُر ساز کي ڇيڙيو، اسٽيج تي اداڪاري ڪئي، قومي پرچار ڪئي، ۽ انسانيت کي عام ڪيو. ماما جمن اهو سيکاريو ته فن جي سياست ۾ وڏي اهميت آهي ۽ تنطيم سازي ۾ آرٽ ڪيڏو پُراثر ڪردار ادا ڪندو آهي.

ماما جمن هڪ سادڙو ماڻهو هو. پيار ۽ پريت سندس وڙ هو. بُک، ڏک، سُڃائي، ۽ دربدري سندس پيڇو ڪونه ڇڏيو. ماما، وڏن تجربن ۽ مشاهدن مان گذريو. ڏک ۽ عشق هن کي گهڻو ڪجھه سيکاري ويا. حُسن تي موهت ٿيندر ماڻهو هو. هو سنڌ جي ٻولي، ادب، تاريخ، ثقافت ۽ تهذيب جو به ڄاڻو هو.

ماما جمن، سنڌ جي پراڻي ۽ اصلوڪي رهواسي جو ڪردار ادا ڪيو آهي. اهو ڪردار، جيڪو موهن دڙي جي مٽي مان ڳوهيل آهي. جمن، ڌرتي جي حقن ۽ وسيلن بابت سجاڳ ٿئي ٿو ۽ انڊيجينئس موقف تي بيٺل رهي ٿو. جمن انڊيجينئس هو، ۽ ڌرتي جي ڪردارن: روپلي ڪولهي، دولھه دريا خان، ۽ هوشو شيدي مان انسپائر هو. سنڌ جو سنڌو درياءَ، ڪارونجهر، کيرٿر، گورک، سنڌ جي منڇر ۽ ڪينجهر، سنڌ جا ٻيٽ ۽ ساحل، سنڌو جو ڊيلٽا  ڪيئن نشاني تي آهن؟ انهن جي تحفط ۽ حقن لاءِ جيڪو بيهي ٿو، اهو انڊيجنئس موقف تي بيٺل آهي. سامراجيت جي نظريي کي دوام ناهي.

سنڌ جي پورهيت عوام جي پاسي ڪير بيٺل آهي؟ ۽ ڪير ان جي مخالف ۾ بيٺل آهي؟ اسان وٽ هٿ ٺوڪيا ڪوڙا جواب ته موجود آهن، پر دليل تي مبني سچ ڪونهي. ڪنهن بدعنوان ۽ بدڪردار ماڻهو، اين جي او ٽائڪون، بيوروڪريٽ کان ته پڇاڻو نٿو ٿئي، پر مثبت سياست ڪندڙ تي سوال اٿاريا وڃن ٿا. ڏسجي ته سنڌ کي Commodity ۾ بدلايو ويو آهي. رائٽ ۽ سوڪالڊ ليفٽ سنڌ کي وکر بڻائي ڇڏيو آهي. اڪثر سياستدانن، شاعرن، صحافين، اديبن، نام نهاد دانشورن، اديبن، فنڪارن هر دور ۾ پنهنجي ضمير جو سودو ڪري پنهنجي پاڻ کي وڪرو ڪيو آهي، ۽ مفاد حاصل ڪيا آهن. ماما جمن، چاليهي واري سمجهوتي تي متفق ٿي نام نهاد سياست ڪندڙن کان اوچو هو.

ماڻهو جيڪڏهن سماج ۾ مثبت ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ته ان لاءِ وزارتن، اسيمبلين، ٿاڻن ۽ آفيسن جي ضرورت ناهي. وڏن پراجيڪٽن ۽ فنڊنگ جي ضرورت ناهي. سرمايي ۽ سيڙپ جي به ضرورت ناهي. هي سڀ ڪجهه جنهن وٽ رهيو آهي، انهن بدعنواني کانسواءِ ٻيو ڪيو به ڇا آهي؟ ضرورت صرف شعور ۽ سچائي تي مبني ڪردار جي آهي:

اڪثر ماڻهو بعد مرڻ جي ياد نه ڪنهن کي ايندا هِن،

ڪي ڪي ماڻهو تاريخن ۾ نقش اڀاري ويندا هِن (دربدر)

جمن دربدر، مسندنشين، وزير، مشير، بيوروڪريٽ، پروفيسر، صحافي، دانشور، اين جي او جو ٽائڪون هو ڇا؟ پوليس ۽ وانٺن جون گاڏيون پويان سندس پروٽوڪول ۾ هونديون هيون ڇا؟ وڏا بنگلا ۽ نوڪر گڏ هوندا هئس ڇا؟ هڪ عام ماڻهو جهڙو عام ماڻهو ئي هو. هڪ سادو فقير ماڻهو، جنهن جو وڙ هو هٿ جوڙ ۽ مُرڪ. ذات، نسل ۽  Sectجي بنياد تي هن ۾ ڪو فرق ۽ تعصب نه هو. هڪ انسان دوست، ڀائيچاري وارو سيڪيولر رويو ماڻهو کي پيو موهيندو هو. هو اوچ نيچ ۽ طبقاتي فرق جو قائل نه هو، البته هن جي هر طبقي سان هٿ جوڙ هوندي هئي. هن مخالف نه، همدرد ۽ دوست پيدا ڪيا. ماما کي مهڻا ۽ طعنا مليا، الزام ۽ تهمتون مليون، ويندي ڪٿي ڪٿي ته گاريون به مليون، هن همراھه صبر ۽ محبت سان هٿ ٻڌي ۽ مُرڪي نڀايو. مزاح جو فن به ڄاڻندو هو. کل ڀوڳ چرچو سندس ٻيو تعارف هو. سدائين پيو کلندو ۽ کلائيندو هو. ماما ۾ خوبي اها مون محسوس ڪئي ته هو اختلاف راءِ جو احترام ڪندو هو، ۽ مُرڪي دفاع ۾ دليل ڏيندو هو.

شاعري کي جيڪر رڌم سان گڏ کڻجي ته سياسي تحريڪن لاءِ ٻارڻ جو ڪم ڪندي آهي. جمن، شاعري ٿوري ڪئي، پر معياري ۽ فڪري شاعري ڪئي. هو راڳ ۾ ويراڳ ۽ شاعري ۾ به مزاحمت ۽ بغاوت ڪندو رهيو: هي هڪ بين القوامي خيال آهي. شاعر هر مظلوم انسان جي پاسي بيٺل آهي. ۽ دنيا جهان ۾ جتي به ناحق ٿئي ان جو پڙاڏو بڻجي ٿو:

هجي يورپ يا لبنان، جتي ماريو ويو انسان،

انهي ماڻهوءَ سندي ارمان ۽ رت ڇاڻ ۾ ملبو.

جمن دربدر جو هي شاعرانه تخيل به ڪمال جو آهي:

وٺي هر هر جنم، مٺا مهراڻ ۾ ملبو،

ختم اونداھه ٿي ويندي، چٽيءَ چانڊاڻ ۾ ملبو.

هي سٽون ڪيترن ئي ڪتابن تي ڀاري آهن. شاعر جو هي تخيل دراصل هر دور جي ترقي پسند قومي طبقاتي جدوجهد جو استعارو آهي. هر هر جنم هر دور ۾ ٿيندو ۽ ڪيئي نوجوان ڄمندا جيڪي سنڌ جي مظلوم طبقي لاءِ ترقي پسند جهد ڪندا. جمن جهڙن ڪردارن کي سنڌ پيدا ڪندي رهندي، انهن جي سياسي جدوجهد جو نظريو اهو ئي هوندو جنهن جي ذڪر جمن هن شعر ۾ ڪيو آهي. انهن سٽن جي تشريح شيخ اياز جي نظم جي هن بند سان ڪري سگهجي ٿي:

تون مون کي ڦاهي چاڙهيندين،

مان توکان مُور نه مرڻو هان_

گُنجار ڪندي جا مون کان پو،

تنهن جندڙيءَ جو مان جهرڻو هان_

ٻيو چارڻ بڻجي، چُنگ کڻي

مان ورڻو هان، مان ورڻو هان.

[email protected]