جمن دربدر جي شاعري ديس واسين لاءِ لازوال محبت نامو آهي:بلاول ڀٽو

0
720
جمن دربدر جي شاعري ديس واسين

ڪراچي: پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان نامياري شاعر جمن دربدر جي وڇوڙي تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي، سسئي پليجو سميت پيپلز پارٽي جي ٻين اڳواڻن توڙي مختلف پارٽيز جي اڳواڻن طرفان به جمن دربدر جي وڇوڙي تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جمن دربدر جي ڀاڻيجي شاعر حليم باغي ۽ ٻين ڀاتين سان ڏک ونڊيو ۽ تعزيت ڪئي

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جمن دربدر جي شاعري پنهنجي ديس واسين لاءِ هڪ لازوال محبت نامو آهي

هن چيو ته جمن دربدر هڪ منفرد شاعر ۽ گلوڪار هجڻ سان گڏ فقيراڻي طبيعت رکندڙ بهترين انسان هو

هوڏانهن سسئي پليجو سميت پيپلز پارٽي جي ٻين اڳواڻن توڙي مختلف پارٽيز جي اڳواڻن طرفان به جمن دربدر جي وڇوڙي تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو

ھي به پڙھندا

حق ڇني وٺندا آهيون، عمران جو وقت پورو ٿي چڪو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو: سنڌ جو عاشق ۽ نامور شاعر جمن دربدر هميشه لاءِ وڇڙي ويو