حيدر آباد(بيورو رپورٽ )  سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران جمن دربدر جي وڇوڙي تي 3 ڏينھن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي. سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل احمد سولنگي، جوائنٽ سيڪريٽري سيد اعجاز شاهه،  ڊاڪٽر رخسانه پريت، خزانچي مارو جمالي، آڊيٽر سجاد ميراڻي، مرڪزي پريس ترجمان آزاد انور ڪانڌڙي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آھي ته  سنڌ جي عاشق ، ماڻڪ موتي ، شاعر ۽ ملوڪ انسان ماما جمن دربدر جي لاڏاڻي تي سنڌ جو عاشق ۽ علمي ادبي قبيلو سوڳوار ۽ اداس آھي ! سنڌي ادبي سنگت سنڌ ماما جمن دربدر جي وڇوڙي جي حوالي سان ٽن  ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪري ٿي .  سنڌي ادبي سنگت جي سمورين شاخن کي اپيل ڪجي ٿي ته اهي درويش صفت شخص ماما جمن دربدر جي عملي زندگيءَ ، شاعريءَ ، وطن دوستيءَ ۽ علمي  ادبي  پورهيي جي حوالي سان تعزيتي گڏجاڻيون ڪوٺائي ماما جمن دربدر کي ڀرپور خراجِ تحسين پيش ڪن.