ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ وراثتي ملڪيت ۾ جعلسازي بابت داخل ڪيل درخواست تي عدالت طرفان طلب ڪرڻ باوجود پيش نه ٿيڻ تي جمشيد ٽائون جي سب رجسٽرار جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي کيس گرفتار ڪري پهرين جون تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ڪالهه ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي دوران درخواستگذارن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته رجسٽرار درخواستگذارن جي ماٽيلي ڀاءُ سان ملي جعلي دستاويز تيار ڪرائي يءُ جي ملڪيت ماٽيلي ڀاءُ پنهنجي نالي ڪرائي جڏهن ته قانون موجب وراثتي ملڪيت تي اولاد جو گڏيل حق آهي پر سب رجسٽرار جعلسازي ڪري ملڪيت درخواستگذارن جي ماٽيلي ڀاءُ جي نالي ڪري ڇڏي.