جمال شاهه (ن پ ا) جمال شاھ ڀرسان ڳوٺ الھڏتو زرداري جي رھواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ ضلعي انتظاميا پاران واھر نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي آڙي زرداري، علي جان ۽ ارشاد علي زرداري چيو ته برسات کي 4 مھينا گذرڻ باوجود ڳوٺ مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو آهي، هنن چيو ته اي سي دوڙ وزٽ ڪرڻ کان پوءِ به تنبو نه ڏنا آهن، جڏهن ته تڪ جو ايم اين اي مصطفيٰ شاهه پڻ ڪا به سار ناهي لڌي، هنن مطالبو ڪيو ته پاڻي نيڪال ڪرائي تنبو ۽ راشن ڏنا وڃن.