جمال شاهه (ن پ ا) جمال شاهه ڀرسان پرائمري اسڪول علي بخش زرداري جي رليف ڪيمپ ۾ ترسيل برسات متاثر ڳوٺ سومر خان جوکيو، علي بخش زرداري ۽ دولت ملاح جي رھواسين ساجن جوکيو، ٽوھ مھر ۽ اسلم ملاح جي اڳواڻي ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، هنن چيو ته گذريل ٽن مھينن کان بي گھر آهيون پر ڪو به چونڊيل نمائندو لڙي ناهي آيو، هنن مطالبو ڪيو ته برساتي پاڻي نيڪال ڪري مسئلو حل ڪيو وڃي،