جمال شاهه (ن پ ا) جمال شاھ ۽ آس پاس جي علائقن ۾ بلدياتي اليڪشن جي حوالي سان چونڊ مھم جون تياريون آخري ڏينهن ۾ داخل ٿي ويون، انھي سلسلي ۾ پيپلزپارٽي پاران يونين ڪائونسل جمال شاھ تي ضلعي ڪائونسل جي سيٽ لاءِ نامزد اميدوار حاجي غلام مصطفيٰ مشوري، زرداري ھائوس نوابشاھ جي ترجمان شير باز مري، غلام عباس زرداري پيپلز ھاري ڪاميٽي ضلعي شھيد بينظير آباد جي صدر محمد حنيف شاھي، اڳوڻو ضلعي ڪائونسل جو ميمبر معشوق علي مشوري ڳوٺ اصغر آباد ۾ پھتا ته زرداري ، ھوت، ابڙا، شاھي سميت مختلف برادرين سان تعلق رکندڙ ماڻھن پيپلزپارٽي جي اڳواڻن تي گلن جي ورکا ڪندي سندن جو شاندار استقبال ڪيو،