جمال شاهه (ن پ ا) جمال شاهه ڀرسان ڳوٺ علينواز شاھي جو رهواسي 60 سالن جو علي دوست شاھي بک وگهي فوت ٿي ويو، ڳوٺاڻن چندو ڪري سندس ڪفن دفن جو بندوبست ڪيو، ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن فوتي پيرسن جو لاش شاخ جي ڪپر تي رکي اصغر شاھي ۽ بابو شاھي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، هنن دانهيو ته سندن ڳوٺ برساتي پاڻي ھيٺ اچي ويو آھي، هن وقت تائين ڪنهن به سار ناهي لڌي، جنهن ڪري پيرسن مليريا ۽ بک وگهي فوت ٿي ويو، هنن ٻڌايو ته پيرسن جو لاش ھڪ ڪلو ميٽر پاڻي مان ٻاھر شاخ جي ڪپر تي رکي کيس تڙ ڏياريو ۽ ڪفن پهرايو،