دوڙ (ن پ ا) جمال شاهه ٿاڻي جي ايس ايچ او ۽ وڏي منشي ۾ جهيڙو، هڪٻئي کي لتن ۽ مڪن جو وسڪارو،  وڏو منشي زخمي، رند برادري جو ڌرڻو، ايس ايس پي ٻنهي ڄڻن کي اڄ گهرائي ورتو، خبر موجب جمال شاهه جي ايس ايچ او عبدالحق ڪورائي ۽ وڏي منشي ھارون رند وچ ۾ معمولي ڳالھه تان منھن ماري بعد جھيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ٻنهي ڄڻن هڪٻئي تي لتن ۽ مڪن جو وسڪارو لائي ڏنو، جنهن ۾ وڏو منشي زخمي ٿي پيو، زخمي اهلڪار کي دوڙ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي رند برادري جا سوين ماڻھو اسپتال پھچي ويا، جن بعد ۾ نور محمد رند جي اڳواڻي ۾ مهراڻ هاءِ وي تي ڌرڻو ههني، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي، مظاهرين چيو ته ايس ايچ او وڏي منشي تي حملو ڪري تشدد ڪيو جنهن ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو آهي، ايس ايچ او خلاف ڪارروائي ڪري کيس برطرف ڪيو وڃي، ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او عبدالحق ڪورائي چيو ته ڪو به جهيڙو ناهي ٿيو، وڏو منشي نلڪي تي منهن ڌوئي رهيو هو ته مون کيس چيو ته ليديز پوليس بيٺي آهي، اڳ ۾ ان کي جاءِ ڏيو، جنهن تي ڪاوڙجي پيو ۽ سندس بلڊ پريشر وڌي ويو، اهڙو اطلاع مون ايس ايس پي شهيد بينظير آباد کي ڏئي ڇڏيو آهي، هوڏانهن اهلڪارن جي جهيڙي جو ايس ايس پي نوٽيس وٺندي اڄ ٻنهي ڄڻن کي پنهنجي آفيس طلب ڪري ورتو آهي،