جماعت اسلامي ڪراچي ۾ پنهنجو ميئر آڻڻ لاءِ تحريڪ انصاف کان حمايت گهري ورتي

0
297
جماعت اسلامي ڪراچي ۾

ڪراچي: جماعت اسلامي ڪراچي ۾ پنهنجو ميئر آڻڻ لاءِ تحريڪ انصاف کان حمايت گهري ورتي، حافظ نعيم جي سربراهيءَ ۾ جماعت اسلامي وفد جي انصاف هائوس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن سان ملاقات ڪئي

ملاقات دوران ٻنهي جماعتن پاران مينڊيٽ جي تحفظ لاءِ 4 رڪني ڪميٽي جوڙڻ تي اتفاق ڪيو ويو، ٻنهي جماعتن جي گڏيل ڪميٽي نتيجن ۾ ڦيرڦار ۽ ووٽن جي چوري وارن معاملن جو جائزو وٺندي

 ملاقات بعد گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم چيو ته پيپلزپارٽي ميئر آڻڻ جي پوزيشن ۾ نه آهي، تحريڪ انصاف جماعت اسلامي جو ميئر آڻڻ لاءِ اسان جي مدد ڪري

 پي ٽي آءِ اڳواڻ علي زيدي چيو ته 40 يوسيز ۾ پي ٽي آءِ جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو آهي، گڏيل ڪميٽي ذريعي چوري ٿيل ووٽن جي جاچ ڪرائينداسين، مينڊيٽ جي چوريءَ جي جاچ ڪرائڻ بعد ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي مقرري بابت ڳالهيون ڪنداسين

هي به پڙهندا

سڀني سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون پر ڪاميابي کي تسليم ڪيو وڃي: حافظ نعيم الرحمان