ڪراچي: جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي پي ڊي ايم حڪومت جي ڪارڪردگي کي مايوس ڪندڙ قرار ڏيندي چيو آهي ته حڪومتي دعويٰ ۽ وعدن جي ابتڙ مهانگائي جي طوفان عام ماڻهن جو جيئڻ مشڪل ڪري ڇڏيو آهي، مني بجيٽ عوام تي بجلي ڪيرائڻ برابر  آهي، آءِ ايم ايف جي سخت شرطن تي عمل سان ملڪ گروي ۽ عام ماڻهن جو زنده رهڻ به مشڪل ٿي ويندو، هن چيو ته ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ جو واحد رستو اسلامي نظام ۽ ديانتدار قيادت جي چونڊ آهي،