ڪراچي:  جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته مڪاني اليڪشن ۾ 25 سيڪڙو کان وڌيڪ ٽرن آئوٽ رھيو، جماعت اسلامي پاڪستان جو امير سراج سراج سڀاڻي ڪراچي ايندو ـ ھن چيو ته نتيجن ۾ ري ڪائونٽنگ جي نالي تي تبديلي ڪئي پئي وڃي، اسانجي درخواست تي رزلٽ کي درست ڪرڻ ۽ انڪوائري ڪرائڻ بابت اليڪشن ڪميشن 23 جنوري تي شنوائي رکي آھي