ڪراچي (نمائندن وٽان) امير جماعت اسلامي سراج الحق جي اپيل تي ڪراچي جي مڪاني چونڊن ۾ ڌانڌلي ۽ نتيجن ۾ ردوبدل خلاف سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا هنيا ويا، ان سلسلي ۾ ڪراچي، حيدرآباد، سکر، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص، ٺٽو، ٽنڊومحمدخان، بدين، ٽنڊوآدم، اوٻاوڙو، ميهڙ، دادو، نواب شاهه، سنجهورو، جهڏو، ڪنڌڪوٽ، هالا، مدئجي، ڪشمور ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ ٿيندڙ احتجاجي مظاهرن ۾ جماعت اسلامي جي ڪارڪنن توڙي عوام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. جيڪب آباد ۾ جماعت اسلامي سنڌ جي نائب امير حافظ نصرالله چنا چيو ته 15 سالن کان سنڌ تي راڄ ڪندڙ پ پ سنڌ کي ڀينگ، ڪڻڪ ۽ متاثرين جي امداد کائڻ بعد ڪراچي ۾ عوام جي ووٽ تي ڌاڙو هنيو آهي جنهن کي هرگز برداشت ڪونه ڪنداسين، پ پ عوامي مينڊيٽ کي تسليم ڪري ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ ڌما ڌم مست قلندر ٿيندي، لاڙڪاڻي ۾ باغ جناح چوڪ تي صوبائي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ، ضلعي امير قاري ابو زبير جکرو ۽ مقامي امير رميز راجه جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو، سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته جماعت اسلامي جي مينڊيٽ کي چوري ڪري سنڌ حڪومت عوام جي حقن تي ڌاڙو هنيو آهي، هوڏانهن ڪنڌڪوٽ ۾ مظاهري کي صوبائي اڳواڻ عبدالحفيظ بجاراڻي، مٺي ۾ ڪشمير چوڪ تي مظاهري کي مير محمد بُليدي، سکر پريس ڪلب تي مظاهري کي صوبائي اڳواڻ مولانا حزب الله جکرو، سلطان لاشاري، زبير حفيظ شيخ، ٽنڊوآدم پريس ڪلب تي رٿيل مظاهري کي عبدالستار انصاري، مشتاق احمد عادل، ٺٽي ۾ عبدالله آدم گندرو، ايڊوڪيٽ عبدالمجيد سمون، عبدالحميد شورو، ميرپور خاص ۾ محمد رفيق چوهاڻ، مدئجي ۾ مولانا عبدالرحمان مڱريو، ميهڙ ۾ الياس ڪلهوڙو، امتياز چانڊيو، اوٻاوڙو ۾ مولانا مُفتي يوسف مزاري خطاب ڪيو. جڏهن ته جهڏو، مٽياري، ٽنڊومحمد خان ۽ ڪشمور سميت ٻين شهرن ۾ پڻ مظاهرا ڪيا ويا.