ڪراچي(م ڊ) بي بي سان واڳيل سينئر صحافي رياض سهيل پي ڊي ايم جي جلسي تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته اهو جلسو ڀرپور هو جنهن ۾ عورتن شرڪت نه ڪئي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ڪراچي ۾ پي ڊي ايم جلسو ڪيو جنهن ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي ڪارڪنن ڀرپور شرڪت ڪئي، مسلم ليگ نواز گذريل جلسي کان وڌيڪ ڪارڪن وٺي آئي. طالبان جي حمايت ۾ تقريرون ڪيون ويون. هن چيو ته عورتن جلسي ۾ شرڪت نه ڪئي. ماسڪ ۽ سماجي فاصلو لاپتا رهيو، علي وزير کي قيد ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو.































