جلد پهچڻ جو شوق:عورت رستو ڀلجڻ بعد گپ ۾ ڦاسي پئي

0
498

بوسٽن(دلچسپ نيوز) جلد پهچڻ جي شوق سبب عورت رستو ڀلجي وئي ۽ گپ ۾ ڦاسي پئي، امدادي ٽيمن پهچي کيس ٻاهر آندو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي شهربوسٽن ۾ 54 ورهين جي ڪيملي ڪوهلو رستو ڀلجي وئي. ڪيملي ڪوهلو پنهنجي پالتوڪتي سان گڏ سمنڊ ڪناري واڪ ڪري هئي، گهرواپسي دوران عورت جلد پهچڻ جي چڪر۾ شارٽ ڪٽ رستو ورتو جيڪو سندس لاءِ وڏي زحمت بڻجي ويو. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته عورت رستو سمجهه ۾ نه اچڻ باوجود هلندي رهي جنهن سبب هو خطرناڪ گپ ۾ ڦاسي پئي، رات ٿي وڃڻ سبب کيس ڪابه خبرنه پئي ۽ چيلهه تائين گپ ۾ هلي وئي جنهن بعد سمنڊ ڪناري آيل ماڻهن عورت کي ڦاٿل ڏسي اختيارين کي اطلاع ڪيو، امدادي ٽيمن پهچي وڏي جدوجهد بعد ڪاٺين جي مدد سان کيس ٻاهرآندو.ان حوالي سان ڪيملي ڪوهلو جو چوڻ هو ته مون ڪڏهن به اهو رستو نه ڏٺو هو انڪري جلدي گهر پهچڻ جي چڪر ۾ ڦاسي پيس.