جلاوطني ختم ڪرڻ جو فيصلو: وزيراعظم جو پٽ سليمان برطانيا کان ڏيهه واپسي لاءِ روانو

0
224
جلاوطني ختم ڪرڻ جو فيصلو
جلاوطني ختم ڪرڻ جو فيصلو: وزيراعظم جو پٽ سليمان برطانيا کان ڏيهه واپسي لاءِ روانو

وزيراعظم شهباز شريف جو پٽ سليمان شهباز برطانيا ۾ جلاوطني ختم ڪري پاڪستان واپس روانو ٿي ويو آهي
سليمان شهباز پنهنجي زال ۽ ٻارن سان گڏ عمري جي لاءِ سعودي عرب پهتو، جنهن کانپوءِ هو ڇنڇر تي پاڪستان پهچندو
پنهنجي بيان ۾ سليمان شهباز چيو ته نئين سياسي نظام لاءِ ڪوڙا ڪيس ٺاهي مونکي پاڪستان ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو
هن چيو ته نيب ۽ اثاثن جي ريڪوري يونٽ جي ڪيسن ۾ ڪا به صداقت ناهي، اڳوڻي چيئرمين نيب جاويد اقبال کي بليڪ ميل ڪيو ويو ۽ اسان تي ڪيس ٺاهيا ويا
هن چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا ۾ اسان خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ پاڪستاني وسيلا استعمال ڪيا ويا
واضح رهي ته سليمان شهباز 2 هفتن جي حفاظتي ضمانت لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اڳ ئي درخواست داخل ڪرائي چڪو آهي

ھي به پڙھندا

مني لانڊرنگ ڪيس: برطانوي عدالت سليمان شهباز جي اپيل رد ڪري ڇڏي

برطانوي عدالت شهباز نه، پر سليمان شهباز خلاف ڪيس تي فيصلو ڏنو آهي: شھزاد اڪبر

مني لانڊرنگ ڪيس: وزير اعظم ۽ حمزه شهباز جي ضمانت ۾ واڌ

برطانوي عدالت شهبازشريف ۽ سندس خاندان کي مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن الزامن مان بري ڪري ڇڏيو