ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ پوليس ۾ ڀرتي لاءِ جعلي ڊوميسائل ٺهرائڻ اهلڪار کي مهانگو پئجي ويو، ڪي پي واسي  عبيد خان  تي فراڊ ڪيس ڪيس داخل، گرفتار، ان ڏس ۾ ڪي پي واسي  عبيد خان ولد گل فراز 2014ع ۾ ڪراچي جي وسندي لانڍي جي شير پائو ڪالوني جو جعلي ڊوميسائيل ٺهرائي سنڌ پوليس ۾ شامل ٿيو، هوڏانهن پوليس اختيارين پاران ڪرايل جاچ تي ڊي سي آفيس پاران لکت ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عبيد خان جو ڪو به رڪارڊ موجود ناهي، هن جعلي ڊوميسائل ٺهرائي فراڊ ڪيو آهي، قائد آباد پوليس انڪوائري ڪاميٽي جي سفارش تي اهلڪار عبيد خلاف فراڊ جو ڪيس داخل ڪري کيس حراست ۾ ورتو