ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي)  تعليم کاتو  ڊي سيز پاران جعلي ڊوميسائلن جي تصديق نه ٿيڻ سبب 21852 پي ايس ٽيز  ۽ جي ايس ٽيز کي آفر آرڊر ڏيڻ ۾ ناڪام، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ ۾ جي اِي ايس ٽيز ۽ پي ايس ٽيز جي خالي پيل56258   جاين تي آءِ بي اي ٽيسٽ تحت ڀرتين دوران  مختلف ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن پاران شڪي ڊوميسائلن ، پي آر سيز ۽ شناختي ڪارڊن جي ڇنڊڇاڻ مڪمل نه ڪرڻ سبب ڀرتين وارو عمل دير جو شڪار ٿي رهيو آهي، صوبي ۾ جي اِي ايس ٽيز (جونيئر ايليمينٽري اسڪول ٽيچر) جي خالي پيل  ڪُل 17 هزار 362 جاين مان هن وقت تائين 11 هزار 469 اميدوارن کي آفر آرڊر جاري ڪيا ويا آهن، ان سلسلي ۾ تعليم کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته جي اِي ايس ٽيز اميدوارن جا آفر آرڊر هلندڙ هفتي ئي مڪمل ٿي ويندا، جنهن بعد پي ايس ٽيز جي رهيل 15959  اميدوارن کي آفر آرڊر ڏنا ويندا.