ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ جعلي ڊوميسائل ۽ پي آر سيز ٺاھڻ واري ڪيس جو لکت ۾ فيصلو جاري، متاثر شخص پنھنجا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل اٿارٽي سان رابطو ڪري سگھي ٿو، سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ پاران جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو آھي ته سنڌ حڪومت ڊوميسائلن ۽ پي آر سيز جي جاچ لاءِ ضلعي سطح تي ڪاميٽي جوڙي ڇڏيون آهن، جيڪڏھن ڪنھن شخص کي ڪنهن ڊوميسائل جي جعلي هجڻ تي اعتراض ھجي ته ا ھو لاڳاپيل ڪاميٽي سان رابطو ڪري سگھي ٿو، جعلي ڊوميسائيل ۽ پي آر سي بابت اپيلٽ ڪاميٽي ئي متاثر شخص جي درخواست تي فيصلو ڪندي، فيصلي ۾ چيو ويو آھي ته پاڪستان سٽيزن شپ ايڪٽ 1951ع  ۽ پاڪستان سٽيزن رولز 1952ع  فنڪشنل آهن، انهي ڪري عدالت جعلي ڊوميسائل ۽ پي آر سيز خلاف متحده جي  درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، واضح ر هي ته متحده  اڳواڻ خواجا اظهار الحسن جعلي ڊوميسائلن ۽ پي آرسيز خلاف پٽيشن  داخل ڪئي وئي آهي