دهلي (انٽرسٽنگ نيوز) ابوظهبي جو “جعلي شيخ” ڀارت جي فائيو اسٽار هوٽل جو لکين رپين جو بل ڏيڻ کان بغير فرار ٿي ويو. ڀارتي ميڊيا موجب هڪ شخص پاڻ کي ابوظهبي جي شاهي خاندان جو فرد ظاهر ڪري دهلي جي هڪ فائيو اسٽار هوٽ ۾ 4 مهينن تائين رهائش اختيار ڪئي ۽ 23 لک رپين جو بل ادا ڪرڻ کانسواءِ فرار ٿي ويو. هوٽل انتظاميا هن جي ڳالهين ۾ اچي کيس چئن مهينن تائين وي وي آءِ پي پروٽوڪول فراهم ڪندي رهي ۽ هن جا پسند جا کاڌا ۽ آرام جو خاص خيال رکيو ويو. محمد شريف نالي شخص پهرين آگسٽ 2022ع تي ليلا پيلس جي ڪمري نمبر 427 ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي جتان اهو 20 نومبر تي خاموشيءَ سان هليو ويو. هوٽل انتظاميا دعويٰ ڪئي آهي ته جعلي شيخ ويندي ويندي هوٽل جي ڪمري مان چانديءَ جا ٿانو ۽ ٻيو سامان به چوري ڪري ويو آهي. آگسٽ ۾ هوٽل پهچڻ تي محمد شريف عملي کي ٻڌايو هو ته اهو گڏيل عرب امارات جو رهواسي آهي ۽ ابوظهبي جي شاهي خاندان سان تعلق رکي ٿو ۽ سرڪاري ڪم سان ڀارت آيو آهي.