جشن آزادي تي قيدين جي سزا ۾ گهٽتائي جو اعلان

0
423
جشن آزادي تي قيدين جي سزا ۾ گهٽتائي جو اعلان

صدر عارف علوي جشن آزادي جي موقعي تي قيدين جي سزا ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي

 ايوانِ صدر مان جاري ٿيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته 15 سالن کان قيد ڪاٽيندڙ 60 سال يا اُن کان وڌيڪ عمر جَي قيدين جِي رهيل سزا ختم ڪئي ويندي

هن چيو ته 10 سال قيد ڪاٽيندڙ 60 سال يا اُن کان وڌيڪ عمر جي عورت قيدين کي به رهيل سزا ۾ ڇوٽ ڏني ويندي

صدر چيو ته رياست مخالف سرگرمين، گينگ ريپ، اغوا ۽ بئنڪن مان ڦرلٽ ۾ ملوث قيدين تي سزا ۾ رعايت لاڳو نه ٿيندي

صدر طرفان آئين جي آرٽيڪل 45 تحت قيدين جي سزا ۾ رعايت جو اعلان ڪيو ويو

ھي به پڙھندا

ملڪ خاطر شهباز شريف ۽ عمران خان سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيان: صدر عارف علوي

صدر عارف علوي سان شهباز شريف جي مختصر ملاقات