سکر (بيورو رپورٽ) سکر آرٽس ڪائونسل پاران ڪلچرل ڪامپليڪس ۾ شيخ اياز جي 100 سالا سالگرھ جي مناسبت سان جشنِ اياز جون تقريبون پڄاڻيءَ تي پهتيون، ميلي جي آخري ڏينھن تي اڳوڻي ميئر سکر ارسلان اسلام الدين شيخ، ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر شھزاد طاھر ٿھيم، آرٽس ڪائونسل جي صدر ممتاز بخاري ۽ ٻين سکر آرٽ گئلري ۽ ڪتابن جي نمائش سجائيندڙ عارف ڀائي آزاد بخاري، اڪبرسولنگي، فلڪ عين، مھڪ شيخ، اقصيٰ شيخ، اروڙ يونيورسٽي جي آرٽسٽن ۽ رضاڪارن ۾ سرٽيفيڪٽ ورھايا ويا. ان موقعي تي ممتاز بخاري آيل مھمانن جا ٿورا مڃيندي چيو ته آرٽس ڪائونسل جي پنجن ڏينھن جي پروگرامن ۾ ٻين سرگرمين سان گڏ سکر آرٽ گئلري پڻ پھريون دفعو سجائي وئي. ڊي سي سکر شھزاد طاھر ٿھيم، ارسلان اسلام الدين شيخ ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته ثقافت، تاريخ ۽ تاريخي ماڳ قومن جي سڃاڻپ ھوندا آھن. هوڏانهن جشن اياز جي آخري ڏينهن تي بسنت مشاعرو پڻ ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ اياز گل، ادل سومرو، نور رضوي، امر اقبال، ابراھيم کرل، آزادبخاري، آزاد انصاري، مھر خادم، اختردرگاھي مجيد نواز مغل، خالد ٻانڀڻ، بيخودبلوچ ۽ ٻين شاعري پنهنجي شاعري ٻڌائي داد حاصل ڪيو. جڏھن ته پروگرام جي آخر ۾ سنڌ جي نامياري شاعر ايازگل جي سالگرھ جوڪيڪ ڪٽيو ويو.