اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس مظاهر علي اڪبر  نقوي خلاف جوڊيشل ريفرنس جي ڪاپي سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي باقي 4 ميمبرن کي به اماڻي وئي. ريفرنس وڪيل ميان دائود داخل ڪيو هو، جسٽس فائز عيسيٰ، جسٽس سردار طارق مسعود، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ احمد علي شيخ ۽ چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ جسٽس قيصر رشيد کي به ريفرنس جي ڪاپي موڪلي وئي، ريفرنس ۾ جسٽس مظاهر نقوي ۽ سندس فيملي تي آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ ۽ اختيارن جو غلط استعمال ڪرڻ جو به الزام هنيو ويو آهي.