اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس مظاهر نقوي خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ نئين درخواست داخل ڪئي وئي، ميان دائود ايڊوڪيٽ پاران داخل ڪرايل درخواست ۾ ريفرنس جي فوري ٻڌڻيءَ جي استدعا ڪئي وئي، درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته ريفرنس تي فيصلو اچڻ تائين جسٽس مظاهر نقوي آڏو ڪو به ڪيس ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر نه ڪيو وڃي ۽ ڪنهن به بينچ ۾ شامل نه ڪيو وڃي، سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ داخل ڪرايل ريفرنس ۾ جج ۽ سندس گهر ڀاتين جي ملڪيتن جي جاچ ڪرائڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.