اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي  جسٽس مسرت هلالي کي پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس طور مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جسٽس مسرت هلالي پشاور  هاءِ ڪورٽ ۾ وقتي چيف جسٽس طور ذميواري ادا ڪري رهي هئي،  صدر چيف جسٽس جي مقرري جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 175 اي 13 تحت ڏني آهي.