جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس يحيٰ آفريدي سپريم ڪورٽ ۾ هڪ ڪيس جي بينچ جي تبديليءَ جو نوٽيس ورتو

0
172

اسلام آباد: جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس يحيٰ آفريدي سپريم ڪورٽ ۾ هڪ ڪيس جي بينچ جي تبديليءَ جو نوٽيس ورتو، ٻنهي ججز سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي طلب ڪري ورتو آهي

 جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اسان شفافيت چاهيون ٿا، جيڪڏهن رجسٽرار ڪيس هڪ بينچ مان ٻي بينچ ۾ لڳائيندو ته شفافيت ڪيئن رهندي؟ لڳي ٿو ته هڪ رجسٽرار مون جهڙي جج کان به وڌيڪ طاقتور آهي

Pakistan's top court objects to public criticism, says it fulfils constitutional responsibilities | Arab News PK

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته مان فون ڪري رجسٽرار کي اهو چئي سگهان ٿو ته فلاڻو ڪيس فلاڻي بينچ ۾ لڳائي ڇڏيو، سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار جو چوڻ هو ته چيف جسٽس جي منظوري سان ئي ڪيس ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر ٿين ٿا

 جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته ڪيس فڪس ڪرڻ جو طريقيڪار ڇا آهي، عدالت ۾ موجود سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر امان الله ڪنراڻي چيو ته ماڻهو پڇي پڇي ٿڪجي پون ٿا پر ڪيس نه ٿا لڳن

هي به پڙهندا

آئين تحت نگران حڪومت جي مقرري ۽ اليڪشن جي تاريخ تي گورنر ڪنهن جي ايڊوائيس جو پابند ناهي:چيف جسٽس